تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

نواب ولي محمد ڀرسان عورت مبينا قتل، پوليس مڙس کي گرفتار ڪري ورتو

نواب ولي محمد (ن پ ا) نواب ولي محمد ڀرسان عورت مبينا قتل ٿي وئي آهي، پوليس سندس مڙس کي گرفتار ڪري ورتو. ان ڏس ۾ نواب ولي محمد ڀرسان علي آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي عبدالرحيم اوٺو ۾ 35 ورهين جي عورت شهميران اوٺو مبينا طور قتل ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي علي آباد ٿاڻي جي وڏي منشي اشفاق آرائين ٻڌايو ته عورت جي ڳچي تي رسي جو نشان آهي، جيڪا کٽ تي پئي هئي، عورت جو مڙس غلام مصطفيٰ اوٺو پوليس تحويل ۾ آهي، سندس چوڻ آهي ته زال خودڪشي ڪئي آهي، مبينا قتل ٿيل عورت جي پيءُ عبدالستار اوٺو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڌيءُ کي ڏيرن ڳچي ۾ رسو وجهي قتل ڪرڻ بعد ڦاهي ڏني آهي، ڌيءَ جي فوت ٿيڻ جو اطلاع هنن کي سندس مڙس ڏنو ، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ دولت پور اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.