تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

نوابشاهه ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس زال کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ڪهاڙي هٿ

سوسائٽي واري علائقي ۾ محمد عارب خاصخيلي زال 50 ورهين جي حاجران کي قتل ڪيو

پوليس ڪارروائي ڪندي زال کي قتل ڪندڙ جوابدار محمد عارب خاصخيلي کي گرفتار ڪيو

نوابشاهه (ن پ ا) نوابشاهه ۾ڪارنهن الزام هيٺ مڙس زال کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. سوسائٽي واري علائقي ۾جوابدار محمد عارب خاصخيلي پنهنجي زال 50 ورهين جي حاجران کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جي اطلاع تي پوليس واردات واري هنڌ پهچي مقتول عورت جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ پي ايم سي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس وقتائتي ڪارروائي ڪندي زال کي قتل ڪندڙ جوابدار محمد عارب خاصخيلي کي ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري ورتو. آخري اطلاعن تائين عورت جي قتل واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

Bookmark the permalink.