تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

نوابشاهه ۾ وڌيڪ گرمي جو سبب وڻن جي گھٽتائي آهي: سيشن جج

نوابشاهه(رپورٽر) سيشن جج شھيد بينظير آباد امجد علي قاضي، مھتاب چانڊيو، امتياز احمد، سجاد مگسي، عبدالحفيظ ميتلو ۽ ٻين ججن نوابشاهه ڪورٽ جي احاطي ۾ مختلف وڻ ۽ ٻوٽا پوکي وڻڪاري مھم جو افتتاح ڪري دعا گھري. انهي موقعي تي سيشن جج شهيد بينظير آباد امجد علي قاضي چيو ته وڻ پوکڻ صدقو آهي، وڻ پوکڻ سان ماحول جي آلودگي ۽ ماحولياتي گدلاڻ ختم ٿئي ٿي. وڻ نه صرف انسانن لاءِ پر جانورن ۽ پکين لاءِ به فائديمند آهن ۽ ڌرتي جي سونهن آهن. هن چيو ته نوابشاهه ضلعي ۾ وڻن جي پوکائي گهٽ هئڻ ڪري گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن عوام کي اپيل ڪئي ته شهرن ڳوٺن ۾ وڻ پوکيا وڃن.

Bookmark the permalink.