تازا ترين
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

نوابشاهه ويجهو صحافي منير آرائين قاتلاڻي حملي ۾ شديد زخمي

نوابشاهه(رپورٽر ) شاهپورجهانيان پريس ڪلب جو ميمبر صحافي منير آرائين هٿياربندن جي حملي ۾ گوليون لڳڻ ڪري شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو. ساٿي صحافين موجب منير آرائين کي بااثر ماڻهن طرفان قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون مليون هيون، اطلاع باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه آندي. صحافي برادري جو چوڻ آهي ته هاڻ به جوابدارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪري نه سگهي آهي. صحافين آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث جوا بدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.