تازا ترين
  • ڪراچي پوليس جو سربراهه غلام نبي ميمڻ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو*ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ ڪورونا جي تصديق بعد گهر ۾ آئسوليٽ ٿي ويو*
  • ڪراچي ۾ لاپتا ٿيل علي عمران 22 ڪلاڪن کانپوءِ ظاهر، گهرڀاتين سان فون تي رابطو*
  • *راڌڻ: پوليس اھلڪار نديم لاشاري جي ڪيس جو مک جوابدار گرفتار *سيھڙ پوليس ڳوٺ گھارو ۾ ڇاپو هڻي جوابدار جوابدار طالب سرگاڻي کي گرفتار ڪري ورتو*
  • *ٽنڊو محمد خان ويجهو رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر،4ڄڻا زخمي *مير غلام علي پارڪ سامهون رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو *حادثي ۾ شاهه رخ ڀٽي، اڪبر پرهياڙ، قربان بروهي ۽ فاروق گنمڀير زخمي*
  • *دادو: ڇاڻو شاهه آباد پاڙي ۾ ذهني توازن ٺيڪ نه هجڻ ڪري ناري پنجن سالن کان گهر اندر زنجيرن سان ٻڌل *ڌيءُ جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، غربت سبب علاج نه ڪرائي سگهيا آهيون: پيءُ گل محمد سهارڻ *ڌيءُ جا زنجير کوليون ٿا ته ماڻهن سان وڙهي ٿي، ڌيءُ جي علاج ۾ مدد ڪئي وڃي: ماءُ *
  • *بلاول ڀٽو زرداري جو لاهور ۾ احتجاج تي ويٺل بلوچستان جي شاگردن واري معاملي تي بيان *پٺ تي پيل علائقن جي شاگردن کي ننڍيون مراعتون به نه ڏيڻ ذهني طور پوئتي ڌڪڻ برابر آهي: بلاول *هڪ شاگرد جي ٻئي صوبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ثقافتي تبديلي جو سبب بڻجندو آهي: بلاول*
  • *مدئجي ويجهو اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت *مگسي لاڙي ڀرسان اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار غلام شبير ڌاريجو زخمي ٿي پيو *زخمي غلام شبير ڌاريجو کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *گهوٽڪي ۾ ميونسپل ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف زرعي دوائون هٿن ۾ کڻي انوکو احتجاج *ملازمن پگهارون جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ آپگهات ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو *جيڪڏهن پگهارون جاري نه ٿيون ته آپگهات ڪنداسين، ذميوار چونڊيل نمائندا ۽ لاڳاپيل آفيسر هوندا: ملازم*
  • *سنڌ جي ٻيٽن بابت جاري ڪيل آرڊيننس خلاف حيدرآباد ۾ عوامي پورهيت تحريڪ طرفان احتجاج *سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، ٻيٽن تي ڪنهن به قسم جي تعمير جي اجازت نه ڏينداسين: اڳواڻ *وفاقي حڪومت سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪري: اڳواڻ *وفاق سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهي: اڳواڻ *
  • *فيض گنج: صادق آباد مان مبينا اغوا بعد قيد ڪيل ناري ڳوٺ نور آباد ۾ پهچي وئي، تحفظ جي اپيل *عطا محمد اغوا ڪري زبردستي نڪاح ڪري گهر ۾ رسن سان ٻڌي ڇڏيو: بشرا خاتون *بس تي هوسٽ طور ڪم ڪندي هيس، هڪ عورت نوڪري ڏيارڻ بهاني گهرائي عطا محمد حوالي ڪيو: دانهون *جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪرايو وڃي: بشرا خاتون *بشرا سان شادي ڪئي آهي، الزام ڪوڙا آهن: اغوا جي الزام هيٺ آيل عطاءَ محمد*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيئرمين نيب جي رمضان شگر مل جو قرض رجسٽرڊ ڪرائڻ خلاف اپيل رد *عدالت ايس اي سي پي کي شگر مل جو قرض رجسٽرڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو: فيصلو *هاءِ ڪورٽ جي قرض رجسٽرڊ ڪرڻ خلاف نيب چيئرمين اپيل داخل ڪرائي هئي: فيصلو *چيئرمين نيب جي اپيل ٻڌڻي جوڳي ناهي، ان ڪري رد ڪئي وئي: فيصلو*
  • *چوھڙجمالي ڀرسان پورهيت جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *35سالن جو لال چندر واپاريءَ وٽ بورچي طور ڪم ڪندو هو*
  • *ڪراچي: پوليو جي عالمي ڏينهن تي ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن مان سائيڪل ريلي *ڪراچي: سائيڪل ريلي ۾ مردن توڙي عورتن جو وڏو انگ شامل *ريلي 2 تلوار کان سمنڊ ڪناري ويندي, جتان واپس 2 تلوار پهچي ختم ٿيندي*
  • *خيرپورناٿن شاھه ويجهو ڪڪڙ شاخ کي30فوٽ گهارو پئجي ويو *ڳوٺ مصري چانڊيو وٽان ڪڪڙ شاخ کي 30فوٽ گهارو پوڻ سبب ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملدار گهاري واري هنڌ نه پهتا، ڳوٺاڻا گهارو ٻڌڻ ۾ مصروف*
  • *رائونتي: قتل ٿيل ناري شبيران شر جو لاش پوليس پاران حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي ڳولڻ کان انڪار *گذريل رات جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ ناري کي قتل ڪرڻ بعد لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو: چو ٻول*

نوابشاهه ميونسپل ڪاميٽي ۾ ڀرتي لاءِ سوين اميدوار پهچي ويا، سي ايم او جو انٽرويو وٺڻ کان انڪار

نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) ميونسپل ڪاميٽي نوابشاهه جي اڳوڻي چيئرمين طرفان 11 سيپٽمبر تي جاري ڪرايل مختلف اخبارن ۾ اشتهارن وارو معاملو ڇڪتاڻ واري صورتحال اختيار ڪري ويو اشتهار ۾ ڄاڻايل ويو هو ته 17 سيپٽمبر تي اميدوار ميونسپل آفيس پهچي انٽرويو ڏيندا، 100 کان مٿي اميدوار 17 سيپٽمبر گذريل ڏينهن صبح جو 9 وڳي پهچي ويا انٽرويو وٺڻ لاءِ ڪو به آفيسر آفيس ۾ نه پهتو پنجن ڪلاڪن تائين اميدوار نٽهڻ اُس ۾ انتظار ڪري واپس روانا ٿي ويا انتظاميه پاران اميدوارن کي اهو چيو ويو ته انٽرويو ڪينسل ڪيا ويا آهن اميدوارن جا ٻئي ميونسپل انتظاميه کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا گهرن ڏانهن واپس ٿي ويا معذور ڪوٽا تي ڀرتي ٿيڻ لاءِ معذورن به انٽرويو ڏيڻ لاءِ پهچي ويا خبر موجب اڳوڻي ميونسپل چيئرمين طرفان 11 سيپٽمبر 2020 تي مختلف اخبارن ۾ اشتهار جاري ڪرايا ويا ته 17 سيپٽمبر 2020 تي هڪ گريڊ کان چار گريڊ جي ملازمن کان انٽرويو ورتا ويندا ۽ اهي اميدوار ميونسپل آفيس ۾ اچن 141 خالي پيل سيٽن تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ مُدو ختم ٿيل چيئرمين جي اشتهار ڏيارڻ واري عمل کانپوءِ گذريل ڏينهن 17 سيپٽمبر تي ميونسپل آفيس ۾ 100 کان مٿي اميدوار انٽرويو ڏيڻ لاءِ پهچي ويا ۽ اميدوار انٽرويو ڏيڻ لاءِ صبح جو 9 وڳي پهتا ۽ نٽهڻ اُس ۾ پنجن ڪلاڪن تائين انٽرويو ڏيڻ لاءِ انتظار ڪندا رهيا پر ميونسپل انتظاميه مان ڪو به اميدوارن کان انٽرويو وٺڻ لاءِ آفيس ۾ نه پهتو نه ئي اشتهار ڏيندڙ اڳوڻي چيئرمين اميدوارن جي سار لڌي ۽ پنجن ڪلاڪن تائين اميدوار انٽرويو ڏيڻ لاءِ آفيس ٻاهران شديد گرمي ۾ انتظار ڪندا رهيا ۽ 2 وڳي آفيس جي ڪلارڪن طرفان اميدوارن کي اهو اعلان ڪري ٻڌايو ته توهان جا انٽرويو ڪينسل ٿي ويا آهن توهان واپس هليا وڃو جنهن تي سوين ملازم پٽون ۽ پارتا ڏيندا مايوس ٿي گهرن واپس روانا ٿي ويا انهي حوالي سان روزاني پنهنجي اخبار طرفان سي ايم او عبدالرزاق شيخ سان رابطو ڪيو ويو ته ان چيو اسان انٽرويو ڪهڙي آڌار تي وٺون؟ اسان کي ڪوبه اهڙو ليٽر ناهي مليو ته ميونسپل آفيسر انٽرويو وٺي انهي لاءِ مان انٽرويو نٿو وٺي سگهان جنهن اشتهار هلرايو آهي ان کي ئي انٽرويو وٺڻو هُيو مان پنهنجي قانون تي ڪم ڪري رهيو آهيان هن چيو ته اسان کي 16.09.2020 تي نڪتل هڪ نوٽيفڪيشن مليو آهي جنهن ۾ 10.08.2020 واري ليٽر تحت هن ڏنل اشتهار کي ڪينسل ڪري اهو ڄاڻايو ويو آهي ته 13.06.2020 واري نڪتل نوٽيفڪيشن تحت قانون تي عمل ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.