تازا ترين
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*
  • *ميرپورماٿيلو: ڊسٽرڪٽ اسپتال جي انتظاميه حفاظتي ڪٽس نه مليون، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي ۾ ڪورونا جو خدشو*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ آيل تبليغي جماعت جي 21 مولوين کي پوليس ٻن مسجدن ۾ بند ڪري ڇڏيو*
  • *ڪراچي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، وائرس جي مقامي منتقليءَ جا 7 نوان ڪيس ظاهر*
  • *چونڊڪو ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت فوت*
  • *اسلام آباد: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ واري درخواست رد*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي فوري طور بحال ڪري آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * سيڪريٽري صحت کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو وڃي:عدالت *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي عدالت حڪم باوجود بحال نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ڪيسز جو انگ 1625 ٿي ويو، 18 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا *گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 54 نوان ڪيس ظاهر، 4 ڄڻا فوت ٿيا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر* پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 593، سنڌ ۾ 508، خيبرپختونخواهه ۾ 195 ڪورونا جا ڪيسز ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * بلوچستان ۾ 144، اسلام آباد ۾ 51، آزاد ڪشمير ۾ 6 ۽ گلگت بلتستان ۾ 128 ڪيسز رپورٽ: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * پاڪستان ۾ 28 ڄڻا ڪورونا وائرس مان مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر *
  • * 34 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، سوا 7 لکن جي لڳ ڀڳ متاثر مريض*
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي تباهين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 8 ڏهاڙا گذري ويا، غريب بک مرڻ لڳا، پورهيتن جو صبر ختم، مختلف شهرن ۾ مظاهرا*
  • *کپرو: ڳوٺ ڀٽياڻي ۾ سولر پليٽ جي بيٽري مان باهه لڳڻ سبب ٽي گهر سڙي ويا * باهه لڳڻ سبب پورهيت هوتو، ڀٽو ۽ ٽيڪم اوڏ جي گهرن ۾ پيل اناج، بسترا، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو ضروري سامان سڙي ويا *
  • *ٽنڊو محمد خان: هڪ شهري ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز نصيرآباد پاڙي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو * ٽنڊومحمد خان انتظاميا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريض جي گهر ڀاتين جي ٽيسٽ ڪرائڻ بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو* ڪورونا جي مريض کي حيدرآباد منتقل ڪندڙ ايمبولينس ڊرائيور کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو*

نوابشاهه جي بختاور ڪيڊٽ ڪاليج امتحان ملتوي نه ڪيا، والدين پاران اعتراض

حڪومت پاران اعلانيل موڪلن باوجود ڪاليج انتظاميا شيڊيول موجب پيپر وٺندي

سوين شاگردياڻين جي والدين پاران امتحان ملتوي نه ڪرڻ تي اعتراض ورايا ويا

نوابشاهه(رپورٽ اياز ڏاهري) بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپل سنڌ حڪومت جي حڪم کي حوا ۾ اُڏائي ڇڏيو بختاور ڪيڊٽ ڪاليج ۾ ايندڙ 16 مارچ کان اٺين درجي ۾ پڙهندڙ نياڻين جا امتحان ورتا ويندا. پاڪستان جي نياڻين جي پهرين بختاور ڪيڊٽ ڪاليج گرلز ۾ نياڻين جي والدين ۽ پرنسپل ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، 32 نياڻين جي والدين پرنسپل جي حرڪتن ۽ رويي خلاف درخواستون لکت ۾ ڏئي نياڻين کي نه پڙهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي ۾ پڙهندڙ نياڻين جي والدين اڳواڻي ڪندڙ ڊاڪٽر علي گلاب تُنيو ٻڌايو ته بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپل محمد يوسف شيخ خلاف اسان ٽيون ڀيرو به احتجاج ڪنداسين هن چيو ته اسان جي احتجاج بعد ڪجهه سڄاڻ ڌرين جي معرفت پرنسپال سان سندس آفيس ۾ ڳالهيون ٿيون جن ۾ اسان مطالبو ڪيو آهي ته ڪاليج ۾ فيميل پرنسپال مقرر ڪئي وڃِي جنهن بعد پرنسپال 10 ڏينهن جي مهلت طلب ڪئي آهي اهي ڏهه ڏينهن سومر واري ڏهاڙي تي پورا ٿي رهيا آهن، پر اڃا تائين اسان کي ڪجهه نه ٻڌايو ويو آهي هن چيو ته بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپل محمد يوسف شيخ پنهنجي ڪاليج ۾ بادشاهه بڻيل آهي سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي ڪري پريشاني ڇانيل آهي سنڌ حڪومت سڀ تعليمي ادارا بند ڪري ڇڏيا آهن تنهن باوجود پرنسپل يوسف شيخ ڪاليج کي بند نه ڪيو آهي ۽ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج کليل آهي ۽ ايندڙ 16 مارچ کان اٺين ڪلاس جا امتحان وٺي رهيو آهي ٻئي طرف بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپل محمد يوسف شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي چيو ته مون وٽ ڪا به اهڙي درخواست نه آئي آهي ته نياڻيون واپس گهرن ڏانهن وينديون ۽ هتي نه پڙهنديون، هن چيو ته نائين ڪلاس جي شاگردياڻين جي والدين کي آگاهي ڏئي ڇڏي ته اُهي نياڻيون پنهنجي گهرن ڏانهن وٺي وڃي سگهن ٿا اٺين ڪلاس جي شاگردياڻين جا 16 مارچ کان امتحان ٿي رهيا آهن امتحانن ختم ٿيڻ تائين شاگردياڻيون ڪيڊٽ ڪاليج ۾ ئي رهنديون هن چيو ته پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج، ۽ سانگهڙ ڪيڊٽ ڪاليج کليل آهن ته پوءِ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج بند ڇو ٿي

Bookmark the permalink.