تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

نوابشاهه، مورو، ڦل ۾ لاڪ ڊائون سبب بيروزگارن جو احتجاج

نوابشاهه(نمائندن وٽان) نوابشاهه، مورو، ڦل ۾ لاڪ ڊائون سبب بيروزگارن احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ نوابشاهه ۾ ڄام صاحب روڊ جي مڪراني پاڙي جي رھواسين محمد عمر بلوچ، الهه داد بلوچ، جميل بلوچ، زين شاهه راشدي، شوڪت مغل، نور محمد بروهي، شير لاکو ۽ ٻين چيو ته هتي اسان سڀ تغاري تي مزدوري ڪندڙ، ريڙهي هلائيندڙ، رنگ ڪندڙ ۽ هوٽلن تي بيراگيري ڪندڙ مزدور آهيون ۽ اڄ اسان مجبور ٿي ڪري ٻچن جون بک ۾ دانهون نٿا ٻڌي سگهون ان جي ڪري اسان احتجاج ڪيون ٿا، جي علائقي منگهو پير ڳوٺ گرم چشما ۾ رهندڙ موري جا رهواسي چئن ڏينهن کان بک ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، عبدالوحيد بروهي ۽ ٻين مورو جي صحافين سان فون ذريعي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو آهي ته اسان جي پوري ڳوٺ ۾ اسان سون جي تعداد ۾ پورهيت رهون ٿا ۽ هن وقت ڪم نه ملڻ ڪري بکون ڪاٽي رهيا آهيون اسان جا ٻار ٻچا گهر ڀاتي فڪاڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، اسان وٽ ڪير به چونڊيل نمائندو نه ئي انتظاميه سهڪار ڪيو آهي. مورو جي ٻيڙي مزدور، جتيون ڳنڍيندڙ موچي ء ٿالھه تي پيٽيس، بِھَه، ڇولا ء گجر وڪرو ڪندڙ پڻ بيروزگاري جو شڪار ٿي ويا آھن. مزدور يونين جي صدر عرض محمد ماڇي، نصرالله ماڇي، زاھد ماڇي، حق نواز، محمد ھاشم نول، اسد جيسر ء ٻين چيو ته قاتل وبا ڪورونا وائيرس سبب ٿي دڙ لاڪ ڊائون سبب اسان ھر روز مزدوري ڪندڙ بيروزگار ٿيڻ سبب تمام گھڻا پريشان ٿي ويا آھيون. سندن مدد ڪري فاڪا ڪشيءَ مان ٻاھر ڪڍي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.