تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ننگر ۾ خودڪشي واقعي جو نئون رخ، نوجوان کي تشدد ڪري مارڻ جو الزام

ننگرپارڪر (رپورٽر ) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ مصري شاھ ۾ هفتو اڳ مبينا طور خودڪشي ڪندڙ 22 ورهين جي نوجواندليپ ڪمار جا والدين ماءُ پيءُ ڏانوڌانڌل ٿاڻي تي پهچي ويا آهن جتي پيءُ وينجهي ميگهواڙ ۽ ماءُ ليلا دانهيندي چيو آهي ته اسان جي پٽ دليپ ڪمار کي ڳوٺ جي بااثر وڏيرن اڪرم، ميرو خان ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي سخت تشدد ڪري زخمي ڪري ماريو آهي، جڏھن ته ڏانوڌانڌل پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ اچڻ ۽ شفاف جاچ ڪرڻ کان پوءِ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. چوٻول آهن ته نوجوان دليپ ڪمار تي ڳوٺ جي بااثر وڏيرن بيرحماڻو تشدد ڪيو هو. باخبر ذريعن وٽان پتو پيو آهي ته بااثر وڏيرا خون بخش ڪرائڻ لاءِ متاثر خاندان وٽ ميڙ منت قافلو وٺي ويا هئا پر وارثن معاف ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ان تان پڻ والدين کي بااثرن ڌمڪيون ڏنيون.

Bookmark the permalink.