تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ننگر پارڪر لڳ ويم آيل عورت فوت، عملي تي غفلت جو الزام

ننگرپارڪر (ن پ ا ) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ساڪرويرو جي ڳورهاري عورت پي پي ايڇ آءِ سينٽر ڏانوڌانڌل ۾فوت ٿي وئي، 25 ورهين جي اوڳم زال کنيراج ٺڪر کي ويم لاءِ ڏانو ڌانڌل پي پي ايڇ آءَ سينٽر تي آندو ويو جتي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ ڪري نرسن ويم ڪرايو. جڏھن ته گهڻو رت وهڻ سبب ٿيڻ سبب نازڪ حالت ۾ اسلام ڪوٽ ريفر ڪيو ويو. نازڪ حالت ۾ اسلام ڪوٽ رورل هيلٿ سينٽر پهچڻ بعد ناري فوت ٿي وئي. فوتي ناري جو تازو ڄاول ٻارڙو زنده ٻڌايو پيو وڃي. فوتي ناري جي وارثن دانهيندي چيو آهي ته ڏانوڌانڌل پي پي ايڇ آءِ سينٽر جي نرسن جي غفلت سبب ناري فوت ٿي آهي . هنن چيو ته اسان کي ايمرجنسي حالت ۾ پڻ ايمبولينس ملي ڪو نه سگهي ۽ ڪرائي تي گاڏي وٺي اسلام ڪوٽ پهتاسين . هنن سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته پي پي ايڇ آءِ ڏانوڌانڌل جي نرسن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.