تازا ترين
  • مقصودو ۾ زهريلي ماکي جو حملو، 4 ورهين جو نينگر علي دوست جمالي فوت گھر ۾قھرام*
  • ڪراچي: سينٽرل جيل ۾ پهريون قيدي ڪورونا وگهي فوت*قيدي بهاول خان جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري کيس لياري جنرل اسپتال داخل ڪيو ويو*
  • جهڏو: آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪورونا مريض جي طبيعت خراب ٿيڻ تي حيدرآباد منتقل*گهوٽڪي ۾ 62 ورهين جو پيرسن ڪورونا وگهي فوت، ضلعي ۾ فوتين جو انگ 3 ٿي ويو ڏهرڪي ۾ ڪورونا جا 2 نوان ڪيس ظاهر، انگ وڌي 15 ٿي ويو*
  • سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو اچي وئي*جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي نصرت سحر عباسي جي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچي وئي*
  • نوشهروفيروز: پوليس اهلڪارن جو دڪاندار تي تشدد،ڳلي مان گِهيلي پاڻ سان گڏ کنڀي کڻي وئي*نوشهروفيروز: پوليس 10 کان وڌيڪ ٻين دڪاندارن کي به گرفتار ڪيو*سڄو شهر کُليو پيو آهي، مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، پوليس بنا جواز تشدد ڪيو: دڪاندار*پوليس گرفتار ڪيل دڪاندارن کي چنگچي رڪشائن ۽ موبائل ۾ گهمائيندي رهي*
  • سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي مٽيءَ جو طوفان ته ڪٿي هلڪي برسات* لاڙڪاڻو،قمبر،دادو، ڪنڌڪوٽ،ميهڙ، موهن جو دڙو۽ خانواهڻ ۾ مٽيءَ جو تيز طوفان ۽ هلڪي برسات*
  • عيد کان اڳ کنڊ اسڪينڊل جي رپورٽ پڌري ڪئي: شهزاد اڪبر*وزيراعظم رپورٽ پڌري ڪري قوم سان واعدو پورو ڪيو: شهزاد اڪبر*پهريون ڀيرو ڪميشن جي رپورٽ جلد پڌري ٿي: شهزاد اڪبر*شاهد خاقان رپورٽ بابت غلط بياني ڪري رهيو آهي: وزيراعظم جو خاص مددگار*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي *رئوف صديقي دٻاءُ وجهي فيڪٽري مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪرايو: پبلڪ پراسڪيوٽر *رئون صديقي ۽ عماد صديقي متاثرن ۽ مالڪن وچ ۾ معاملا حل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو: پراسڪيوٽر *رئون صديقي ۽ عباد صديقي فيڪٽري مالڪن کان 5 ڪروڙ وصول ڪيا: پبلڪ پراسڪيوٽر *عدالت 17 جون تي جوابدار زبير چريا جي وڪيل کان حتمي دليل طلب ڪري ورتا*
  • *ڪچي پل ۽ ڀرپاسي ۾ مٽيءَ جو طوفان، ڪيترن ئي ڪکاون گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون *تيز هوا ۽ مٽي جي طوفان سبب بجلي جا ڪيترائي ٿنڀا ڪري پيا، رهواسين گهرن تائين محدود *
  • *همايون شريف ۾ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق *ڳوٺ چوڏيو سڌايو واسي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي*
  • *ڄام نواز علي ويجهو چنگچي فٽاباڊي سم نالي ۾ ڪرڻ سبب نينگر فوت *ڳوٺ الهجڙيو شيدي ڀرسان حادثي ۾ 12 ورهين جو هريش ڀيل فوت، لاش اسپتال منتقل*
  • *سکر: تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *حادثي ۾ شادي تقريب ۾ ويندڙ نظير جوڳي فوت، سندس گهرواري صاحبه زخمي *
  • *ڄام نواز علي ويجهو چنگچي فٽاباڊي سم نالي ۾ ڪرڻ سبب نينگر فوت *ڳوٺ الهجڙيو شيدي ڀرسان حادثي ۾ 12 ورهين جو هريش ڀيل فوت، لاش اسپتال منتقل*
  • *لاڙڪاڻو شھر ۽ ڀرپاسي ۾ ڇتن ڪتن جو آزار برقرار، رهواسي پريشان *لاڙڪاڻو: ڇتن ڪتن 2 ٻارن سميت 9 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو*
  • *ڪراچي: اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس *آغا سراج دراني، سندس گهرواري ۽ ٻيا احتساب عدالت ۾ پيش *جج جي موڪل هجڻ ڪري ريفرنس جي ڪارروائي بنا ڪارروائي جي ملتوي *

ننگرپارڪر ۾ گرمي ايندي ئي کوهن جو پاڻي ختم ٿيڻ لڳو، درياهه مان پاڻي فراهمي منصوبو به رولڙي جو شڪار

برساتن دوران گڏ ٿيل پاڻي لڪون لڳڻ ڪري سڪڻ لڳو، علائقي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ

گرمي ايندي ئي اسان وٽ هر سال جيان هن سال پڻ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي رهي آهي:شهري

ننگرپارڪر (رپورٽ: فيض کوسو ) ننگر پارڪر ۾ گرمي ايندي ئي  گهٽ برساتن سبب کوهن ۾ جر جو  پاڻي ختم ٿيڻ لڳو آهي، کوهن ۾ جيڪو برسات دوران پاڻي گڏ ٿيو هو اهو گرمي جون لڪون لڳڻ کانپوءِ ختم ٿيڻ وارو آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته گرمي ايندي ئي اسان وٽ هر سال جيان هن سال پڻ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي رهي آهي، ننگرپارڪر جي چونڊيل نمائندن ٻن سالن ۾ ننگرپارڪر جو بنيادي مسئلو پيئڻ جي پاڻي جو حل ڪرائي نه سگهيا آهن اسان کي سنڌو دريا جو مٺو پاڻي فراهم ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي . ٻئي پاسي سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن جي اعلانن باوجود پارڪر واسين کي سنڌو دريا جو مٺو پاڻي فراهم ٿي نه سگهيو آهي ، پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي ۽ پاڻي فراهم ڪندڙ پائيپن ۾ ٺيڪيدارن جي مبينا طور ڪروڙين رپين جي ڪرپشن سبب ننگرپارڪر شهر تائين اڃان تائين سنڌو دريا جي مٺي پاڻي جو هڪ ڍڪ به نه پهچي سگهيو آهي. ذريعن موجب پائيپ لائين جو ٺيڪو هڪ بااثر سياسي اثر رسوخ رکندڙ ٺيڪيدار کي ڏنو ويو هو، جنهن اڌو اڌ پائيپ لڳائڻ بدران ڪوڙا بل ٺهرائي ورتا. گذريل سال ننگرپارڪر واسين جي سخت احتجاج ۽ اختيارين جي نوٽيس وٺڻ کانپوء پبلڪ هيلٿ کاتي جڏهن زمين کوٽي ڏٺي ته پائيپ لڳل نه هئا جنهن کانپوءِ پبلڪ هيلٿ کاتي پائيپ لڳائڻ شروع ڪيا پر هڪ سال ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي وارا ننگرپارڪر شهر تائين پائيپ لائينون مڪمل ڪري نه سگهيا آهن، ننگرپارڪر ۾ سنڌو دريا جو مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ جا جنهن واعدا ڪيا هئا انهي ۾ پ پ اڳواڻ ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر وزيراعلي جو خاص صلاحڪار ويرجي ڪولهي، پ پ جي سينٽر ڪرشنا ڪماري ڪولهي، خصوصي سيٽ تي پ پ جي اقليتي ايم پي اي راڻا هميرسنگهه ، ننگرپارڪر مان پ پ جي چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر پيرنورمحمد شاه جيلاني ، ننگرپارڪر مان پ پ جي صوبائي اسيمبلي لاءِ چونڊيل ايم پي اي قاسم سراج سومرو ۽ ٻين واعدا ۽ سکڻا اعلان ڪيا جيڪي ٻه سال گذري وڃڻ باوجود وفا ٿي نه سگهيا آهن. ننگرپارڪر واسين کي مٺو پاڻي فراهم نه ٿي سگهيو آهي.  واضع رهي ته هڪ سال  اڳ ننگرپارڪر ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ميڊيا ۾ خبرون لڳڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن جج ٿرپارڪر طرفان پاڻمرادو نوٽيس وٺي پبلڪ هيٿ کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا هئا پر هڪ سال گذرڻ باوجود پبلڪ هيلٿ کاتي طرفان ننگرپارڪر واسين کي سنڌو دريا جو مٺو پاڻي فراهم نه ڪيو ويو آهي . هوڏانهن پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته روپلو ڪولهي موٽيل لڳ پائيپ لائين تباهه ٿيڻ سبب اڃا تائين ننگرپارڪر واسين تائين پاڻي پهچي نه سگهيو آهي.

Bookmark the permalink.