تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

ننگرپارڪر: چڀڙ نه آڻڻ تي استاد جو شاگرد تي تشدد، احتجاج

ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر ۾ شاگرد والد سان گڏجي استاد پاران مبينا تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺ ڪاريتڙ واسي شاگرد راجيش پيءُ ڏيارام ميگھواڙ سان گڏ صحافين آڏو دانهيندي الزام هنيو ته ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙھائيندڙ سندس استاد پرشوتم چڀڙ نه کڻي اچڻ تان ڪپڙن کان آجو ڪري سخت تشدد ڪيو. شاگرد جي والد چيو ته اهڙي دانهن اسڪول جي ڪميٽي ميمبرز کي ڏني آهي پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو. هن مطالبو ڪيو ته شاگرد تي تشدد واري معاملي جي جاچ ڪرائي استاد خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.



Bookmark the permalink.