تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ننگرپارڪر ويجھو زهريلن وڇن جون ڏنگيل 2 نينگريون فوت

ننگرپارڪر (رپورٽر ) ننگرپارڪر تعلقي ۾ گرمي وڌڻ کانپوءِ زھريلا وڇون ٻرن مان نڪري آيا آهن، زهريلن وڇن جون ڏنگيل 2 فوت ٿي ويون آهن. ان ڏس ۾ ڀيمرڙا ڳوٺ ۾ وڇونءَ جي ڏنگيل 1 سال جي معصوم ٻارڙي پاروتي ڌيءُ ھيمن ڪولھي ۽ ڳوٺ سوراچند ۾ 5 ورهين جي راڌا ڌيءُ رميش ڪولھي 2 ڏينھن تعلقي اسپتال ۾ داخل رھڻ بعد گذريل ڏينھن ويڪسين نه ملڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي ويون، ٻڌايو پيو وڃي ته کٽ تي ستل 1 سال جي پاروتي کي وڇونءَ ڏنگي ويو هو، جڏھن ته 5 ورهين جي راڌا کي راند ڪندي رات جي ٽائيم وڇونءَ ڏنگ ھنيو هو. اهڙن واقعن ۾ واڌ اچڻ کانپوءِ ماڻھو خوف ۾ وٺجي ويا آھن. 

Bookmark the permalink.