تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

ننڍڙي ايٿليٽ علي ظفر سان ملاقات جي خواهشمند

ڪراچي (شوبز نيوز) ننڍڙي ايٿليٽ ملاڪ فيصل ظفر ڳائڻي علي ظفر سان ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي علي ظفر بهترين سياحتي مقام ۾ سرفهرت پاڪستان جي ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ڪڏهن اچو نه پاڪستان. ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي پاڪستان جي 5 سالن جي ننڍڙي ايٿليٽ ملاڪ فيصل ظفر ساڻس ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته هو پاڪستان اچي ساڻس ملڻ جو ارادو رکي ٿي. ملاڪ لکيو ته هو ذاتي طور تي علي ظفر سان ملي پنهنجي ايندڙ پراجيڪٽس تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿي. هن لکيو ته کيس سندس گانا پسند آهن. علي ظفر ملاڪ کي جواب ڏيندي لکيو ته ملاڪ سان ملاقات هڪ اعزاز جي ڳالهه هوندي. واضح رهي ته ان کان اڳ به علي ظفر پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ ٻارڙين سان ملاقات ڪندو رهيو آهي.

۽ سندن واکاڻ ڪندو رهيو آهي.



Bookmark the permalink.