تازا ترين
  • *گمبٽ ۾ بيروزگار نوجوان راشن نه هجڻ ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو*
  • *ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جي راڪاس جا لامارا جاري، وڌيڪ 5 معصوم گلڙا ڪومائجي ويا*
  • *ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ ايراني صدر حسن روحاني پاران عالمي مالياتي اداري کي ايمرجنسي لون جي اپيل * ڪورونا وائرس کي شڪست لاءِ 5 ارب ڊالرز ايمرجنسي لون ڏنو وڃي: ايراني صدر حسن روحاني *
  • *ٽوئٽر جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جيڪ ڊورسي پاران اثاثن مان هڪ ارب ڊالرز ڪورونا وائرس رليف فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان * ڪورونا وائرس رليف فنڊ لاءِ ڏنل فنڊ ذاتي ملڪيت جو 28سيڪڙو آهي: ٽوئٽر ايگزيڪٽو *
  • *لاهور ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس *چيف سيڪريٽري پنجاب طرفان ڪورونا وائرس ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهي *صدر عارف علوي پاران وائرس متاثرن مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت *
  • *وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت نيشنل ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس *اجلاس ۾ لاڪ ڊائون ۾ 14 اپريل کانپوءِ واڌ يا نرمي سميت اهم معاملن تي غور ويچار *
  • *وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا جي سپريم ڪورٽ آمد، ڪورونا وائرس بابت بريفنگ *ڪورونا وائرس جي تدارڪ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: ڊاڪٽر ظفر مرزا *جيڪو اندازو لڳايو ويو هو، انهيءَ حساب سان گهٽ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن ۽ فوتگيون به گهٽ ٿيون آهن: ظفر مرزا *
  • *بيمارين بابت ڊيٽا ڏسندڙ عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ سڄي يورپ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيڻ جي اڳڪٿي *آگسٽ تائين سڄي يورپ ۾ برطانيا سڀني کان متاثر ٿيندڙ ملڪ هوندو: انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ ميٽرڪس اينڊ اِيويليوئيشن * برطانيا ۾ فوتگيون 40سيڪڙو، 66 هزار تائين پهچڻ جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي * ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ هر ڏينهن 3 هزار ماڻهو موت جو شڪار جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي*
  • *وزيراعظم عمران خان قرضن بابت جاچ ڪندڙ ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي * ڪميشن 2008 کان 2018 تائين 24 سئو ارب روپين جي قرضن جي رپورٽ تيار ڪري ورتي: ذريعا *2400 ارب روپين جي قرضن ۾ سنگين بي ضابطگين جو انڪشاف، رپورٽ ايندڙ هفتي وزيراعظم ڏانهن اماڻي ويندي *رپورٽ ۾ 21 ادارن سان لاڳاپيل 250 ماڻهن جي ڪردار نشاندهي سان گڏ ترقياتي منصوبن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ۽ ڪڪ بيڪ جي نشاندهي ڪئي وئي *
  • *ڳڙهي خيري ڀرسان اوڍا ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 4 ڄڻا زخمي*
  • *سانگهڙ ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نوجوان کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 17 ڏهاڙا ٿي ويا، اڪثر شهرن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه به وڌي ويا، پورهيت طبقو شديد پريشان*
  • *ڪورونا وائرس دنيا جي 209 ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، پوري دنيا ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 4 هزار 72 ٿي ويو*
  • *شور ڪوٽ: مني ٽرڪ بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت *

ننڍن ڪاروبارن کي هٿي ڏياري سنڌ کي ترقين جي اوچائين تائين پهچائينداسين: شاگرد

ماهيگري جي صنعت جي واڌاري لاءِ سنڌ ۾ مڇي جا ننڍا ننڍا فارم قائم ڪرائيندس: ذيشان پنهور

ڪميشن پاس ڪري عوامي ڀلائي جا ڪم ڪندس (سعودمهيسر):سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽلائيزڪرائيندس:نديم مغل

ڄامشورو (سروي :رحمان ميمڻ )سنڌ ورسٽي جي شاگردن چيو آهي ته ننڍن ڪاروبارن کي هٿي ڏياري سنڌ کي ترقين جي اوچائين تائين پهچائي، ملڪ جي خدمت ڪنداسين، ان ڏس ۾ روزاني پنهنجي اخبار جي انهي سوال ته اوهان سنڌ لاءِ ڇا ڪري سگهو ٿا ؟ جي موٽ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي فشريز ڊپارٽمينٽ جي ذيشان پنهور چيو ته مڇي هڪ صحت بخش غذا سان گڏ بهترين ڪاروبار پڻ آهي، ماهيگيري جي صنعت جي واڌاري لاءِ سنڌ ۾ مڇي جا ننڍا ننڍا فارم قائم ڪرائيندس ، حيدرآباد واسي فزڪس ڊپارٽمينٽ جي سعود مهيسر جو چوڻ هو ته ڪميشن پاس ڪري عوامي ڀلائي جي شعبي ۾ ڪم ڪندس، سنڌي ادب واري شعبي جي شاگرد نديم مغل جو چوڻ هو ته سنڌي ادب دنيا جي ادب ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، آئون سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽلائز ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺندس، قاضي احمد واسي فزڪس ڊپارٽمينٽ جي شاگرد امجد جتوئي چيو ته پنهنجي شعبي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري والدين جي خدمت ڪندس، سوشيالاجي شعبي جي شاگرد آسيس لغاري جو چوڻ هو ته سماجيات واري شعبي ۾ مهارت حاصل ڪري سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف غريب ماڻهن جو ڀرجهلو ٿيندس، شهيد بينظيرآباد سان تعلق رکندڙ آرٽ اينڊ ڊزائين شعبي جي شاگرد اڪبر بلوچ چيو ته سماج جي لڪل حقيقتن کي ڊاڪيومينٽري جي روپ ۾ محفوظ ڪري عوام ۾ آگاهي مهم هلائيندس، گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ فزڪس شعبي جي شاگرد منير مزاري چيو ته سنڌ ۾ هزارين ٻار اسڪول نٿا وڃن، پنهنجي علائقي ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري تعليمي ادارا قائم ڪندس، جتي ٻارن کي مفت تعليم ڏني ويندي.

Bookmark the permalink.