تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

نندي ۾ 3 سال اڳ گھران ڪاوڙجي نڪتل نينگر ڀارت ۾ قيد جو انڪشاف

بدين(رپورٽر ) نندوشهر ڀرسان ٽي سال پهرين گهران ڪاوڙجي نڪتل نينگر ڀارتي جيل ۾ هئڻ ۾ انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺ محمد حسين سهتو ۾ پنهنجي مائٽن سان ڪاوڙجي گهران نڪتل 14 سالن جو نينگر محمد علي پٽ عاقل سهتو ڀارتي جيل ۾ قيد ۾ هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نينگر جي والد عاقل سهتو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو  پٽ جيڪو ڪنن کان گهٽ ٻڌي ٿو ۽ ٻاتڙائي ٿو جيڪو گهران ڪاوڙجي نڪتو هو، جنهن بعد سندس ڪافي ڳولا ڪئي پر سندس ڪوبه ڏس پتو نه مليو. تازو خبر پئي آهي پٽ ڀارت جي ڪنهن جيل ۾ آهي، جنهن جي واپسي لاءِ واسطيدار ادارن وٽ گهربل ڪاغذ جمع ڪرائي رهيا آهيون. هن اپيل ڪئي ته منهنجي پٽ کي ڀارت جي جيل مان آزاد ڪرايو وڃي.

Bookmark the permalink.