تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

نندو مان اغوا ڄاڻايل ناري بازياب: ڀيڻيويو جيل حوالي

نندو(رپورٽ:راهي ملاح) نندو مان 4 مهينا اڳ اغوا ڄاڻايل ناري بازياب، عدالت ناري وارثن حوالي ڪري ڇڏي، جڏهن ته جوابدار جيل حوالي. چار مهينا پهرين نندو شهر جي خواجه محلي مان پنهنجي ڀيڻيوئي رجب علي جماليءَ هٿان اغوا ٿيل 18 سالن جي ناري بختاور کور کي نندو پوليس ٽنڊوالهيار ڀرسان هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس ناريءَ کي فيملي ڪورٽ بدين ۾ پيش ڪيو، جتي ناري بيان ڏنو ته مون کي ڀيڻيويي اغوا ڪيو هو، پنهنجي والد محمد سومار کور وٽ رهڻ چاهيان ٿي. ناريءَ جي بيان بعد عدالت جوابدار رجب علي جماليءَ کي جيل موڪلي ڇڏيو.



Bookmark the permalink.