تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام علي ڀرسان جهڳي کي باهه: 7 مهينن جو ٻارڙو بابو ولد ڪانجهي ڪولهي سڙي فوت*
  • *ميهڙ ٿاڻي اڳيان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي: ڇڏائڻ ۾ اي ايس آءِ کي به سروٽو لڳي ويو*
  • گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪراچي ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ*اڻڄاتل ماڻهو ڪلفٽن ۾ گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا، جاچ ڪريون پيا ته گوشت ڪيڏانهن ويو: پوليس*
  • نئون ديرو: سڱاوتي تڪرار تان سالن هٿان ڀيڻيويو قتل*سئوٽن طاهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو (نديم ککراڻي) پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*

نندو لڳ پل نه ٺهي، لاش واهه مان گذاري مٽي ماءُ حوالي

نندو(رپورٽ: راهي ملاح) نندو لڳ واهه تي پل نه هئڻ سبب ڳوٺاڻن لاش واهه مان گذاري دفنايو. ڳوٺ سونو سيال واسين ملھه پهلوان سومار ملاح جو لاش قبرستان پهچائڻ لاءِ متبادل رستو نه هجڻ ڪري علي واهه لارج مان گذاريو. ڳوٺاڻن قاسم ملاح، اشرف ملاح، صالح ملاح، صديق ملاح ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان جو ڳوٺ 300 کان مٿي گهرن تي ٻڌل آھي، چونڊيل نمائندن ڪي به سهولتون ناهن ڏنيون، واهه تي پل نه هئڻ ڪري لاش پاڻي مان گذارڻا پوندا آهن، نوٽيس ورتو وڃي.



Bookmark the permalink.