تازا ترين
  • *ڊگهڙي ويجهو ڊاٽسن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان منگل پٽ پارو ڀيل، شريمتي هستو ڀيل، سندس ٻن سالن جي نياڻي منگلي ۽ نينگر دليپ فوت *
  • *ورڪشاپ کان حيدرآباد ويندي گم ٿي ويل نوجوان جي اغوا جي تصديق، عورتاڻي آواز تي هرجکي اغوا ٿيڻ جا چوٻول * ورڪشاپ: نوجوان مختيار شر جو پيءُ راجا خان شر کي فون، اغوا ٿيڻ جي تصديق * ورڪشاپ: پٽ فون ڪري ٻڌايو ته ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن، بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي: راجا خان *
  • *ڪريم بخش کوسو واسي بون ميرو جي مرض ۾ مبتلا 13 سالن جو نينگر امتياز بروهي پٽ جاني بروهي سبب فوت *
  • *قاضي احمد ويجهو ڪچي جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو سن ۾ جرڳو، 2 خون ثابت ٿيڻ بعد ڌرين تي 60 لک رپيا ڏنڊ * قاضي احمد: ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جلال محمود شاهه به شريڪ * قاضي احمد: لاکا ڌر تي اڳرائي جو 10لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، تڪراري زميني ڇڇر واري ڌر حوالي *
  • لکي غلام شاهه ويجهو هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو قربان ڪلوڙ اغوا، ڪجهه دير بعد بازياب
  • *شھدادڪوٽ: ٻن موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر: 2 نوجوان ڳوٺ غلام قادر کوسو جو رھواسي صدام حسين کوسو ۽ ڳوٺ ميران خان مگسي جو رھواسي پيربخش مگسي فوت ٿي ويا، نينگري بختاور زخمي*
  • *ڪراچي: قاضي عبدالڪبير سڀاڻي رٽائر ٿيندو، عثمان چاچڙ گهرو سيڪريٽري جي چارج سنڀاليندو*
  • *فريدآباد واسي 22 ورھين جو نوجوان پورهيت قاسم شاهه پٽ حسين شاهه موٽرسائيڪل هلائيندي دل جو دورو پوڻ ڪري فوت*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر کڏ ۾ ڪري پوڻ ڪري ڊرائيور ڄام سولنگي هيٺان اچي فوت ٿي ويو*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر ٽرالي 9 ورھين جي نينگري اوبيعه ڌيءُ محمد علي اوڳاهي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو*
  • *حيدرآباد: ميرپورخاص ۾ هاءِ ڪورٽ جي بينچ قائم ڪئي وڃي: درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ سميت لاڳاپيل ڌرين کان 4 ڊسمبر تائين جواب * حيدرآباد: ڏورانهن وارن ضلعن جي ماڻهن کي ٻڌڻين لاءِ هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد اچڻو پوي ٿو: درخواستگذار * حيدرآباد: مان پاڻ صبح 5 وڳي ميرپورخاص مان نڪرندو آهيان، واپس ويندي شام ٿي ويندي آهي: وڪيل *
  • * تلهار ويجهو خوفناڪ حادثو: هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي فوت * تلهار: ڪار رڪشا کي بچائيندي کاهي ۾ ڪري پئي، فوتي ڀاتين ۾ 2 ٻاررڙيون، 3 عورتون ۽ هڪ نوجوان شامل * تلهار: فوتين مان هڪ عورت ۽ تازي ڄاول ٻارڙِي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ٻين فوتين جي سڃاڻپ تازي ڄاول ٻارڙي جي ماءُ مسمات ميران چانڊيو، مسمات شهناز، سندس معصوم 10 سالن جي ڌيءُ مائزه، نوجوان عبدالستار چانڊيو جي نالن سان ٿي *
  • *بدين ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو: 3 معصوم ٻار سڙي فوت * بدين :ڳوٺ مامون نوحاڻي ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ تباهي مچائي ڇڏي، ڪکاوان گهر سڙي رک، 3 معصومڙا ۾ هڪ سال جو پوَن پٽ هرچند ڪولهي، ٻن سالن جي ريشما ڌيءُ نانجي ڪولهي ۽ ڌرمي ڌيءُ ڪاجو ڪولهي به اجل جو شڪار *
  • *جيڪب آباد ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار نينگري ۽ سندس ڌيءُ جي ڪيس پوليس کي مُنجهائي ڇڏيو: ٻارڙي جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ جو انتظار * جيڪب آباد :ڪيس ۾ 2 اڻڄاتل جوابدارن مان به ڪنهن هڪ سان ڊي اين اي ميچ ٿيو ته پوءِ ڇا ڪجي؟ پوليس لاءِ ڪيس جا قانوني پاسا به چئلينج بڻيل: ذريعا * جيڪب آباد :ڪيس کي گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون، هفتي اندر ڊي اين اي رپورٽ اچي ويندي، اُن کانپوءِ ئي جاچ جو رُخ طئه ڪنداسين: ايس ايس پي جيڪب آباد *
  • اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو اختيارحڪومت کي آهي: نيب جو جواب*نيب طرفان وفاقي گهرو وزات ڏانهن جواب موڪليو ويو (ذريعا) اڳوڻي وزيراعظم لاءِ ايئر ايمبولينس جو انتظام ڪيو ويو*

نمرتا ڪيس: عدالتي جاچ ايندڙ هفتي مڪمل ٿيڻ جا امڪان: ڊي آءِ جي پاران رڪارڊ پيش

نمرتا ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو، سموري معلومات سيشن جج حوالي ڪئي آهي: ايس پي بنگش

ايف آءِ آر بابت جيئن جج صاحب چوندو، ائين ڪبو (بنگش)؛ ڊاڪٽر وشال رائونڊ تي آهي

لاڙڪاڻو ( رپورٽ نثار کوکر) آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا واقعي جي عدالتي جاچ ڪندڙ سيشن جج سان لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جي ملاقات، نمرتا جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ وومين ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر امرتا فائنل پوسٽ مارٽم رپورٽ سميت اڄ طلب. عدالتي جاچ ايندڙ هفتي مڪملٿيڻ ۽ رپورٽ پيش ٿيڻ جا امڪان، ان ڏس ۾ گڏ ڪيل معلومات موجب آصف ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نمرتا ڪيس جي عدالتي جاچ ڪندڙ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اقبال احمد ميتلو سان ڪالهه لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي مسعود بنگش ملاقات ڪئي. سيشن جج سان انهي گڏجاڻي بابت ايس ايس پي مسعود بنگش ٻڌايو ته جج صاحب جو ارادو آهي ته هو ايندڙ هفتي جوڊيشل انڪوائري مڪمل ڪري رپورٽ گهرو کاتي حوالي ڪندو. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسانکي نمرتا ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو هو، اسان گڏ ڪيل معلومات سيشن جج حوالي ڪئي.هن چيو ته نمرتا ڪيس ۾ سي سي ٽي وي فوٽيج مددگار ناهن، انهن مان ڪا خاص ڳالهه واضح ٿي نه ملي سگهي آهي. جڏهن ته اسان موبائل فونن جي ڊيٽا، فارنزڪ ايگزامينيشن رپورٽ، ڪيميڪل رپورٽ، ڊي اين اي رپورٽ سميت گهربل سمورا دستاويز جوڊيشل انڪوائري وٽ جمع ڪرايا آهن. اسان جي انويسٽيگيشن آفيسرن جا بيان پڻ ريڪارڊ ڪيا ويا آهن.ايس ايس پي چيو ته نمرتا ڪيس جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت جيئن جج صاحب چوندو، اسان ائين ڪنداسين. هن چيو ته هي ڪيس جيئن ته هاڻي جوڊيشل معاملو بڻجي ويو آهي، تنهنڪري اسان جوڊيشل انڪوائري جي انتظار ۾ آهيون، اها رپورٽ گهروکاتي وٽ پيش ٿيندي،.ٻئي طرف ڊاڪٽر نمرتا جي فائنل پوسٽ مارٽم رپورٽ تيار ڪندڙ ڊاڪٽر امرتا کي سڀاڻي جوڊيشل انڪوائري ڪندڙ جج فائنل پوسٽ مارٽم رپورٽ سميت طلب ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف ڊاڪٽر نمرتا ڪيس ۾ سڀ کان پهريان ڀرپور آواز اٿاريندڙ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر وشال فائنل پوسٽ مارٽم رپورٽ تي ڪو ڪمينٽ نه ڏنو، پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر وشال جو فون اٽينڊ ڪندڙ شخص اردو ۾ چيو ته ڊاڪٽر صاحب رائونڊ تي آهي ،توهان بعد ۾ فون ڪجو، بعد ۾ ڊاڪٽر وشال جو فون ئي بند ٿي ويو.

Bookmark the permalink.