تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

نقيب الله ڪيس ۾ ڀائرن پاران ڌر ٿي پيروي جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ملير ۾ جڙتو پوليس مقابلي ۾ قتل ٿيل نقيب الله واري قتل ڪيس جي فريادي ۽ نقيب جي والد جي فوت ٿيڻ بعد سندس ويڊيو بيان رڪارڊ ڪرڻ واري درخواست کي غير مو ثر قرار ڏئي اڪلائي ڇڏيو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪالهه درخواستگذار جي وڪيل صلاح الدين پنهور عدالت کي ٻڌايو ته نقيب الله جو والد خان محمد هن ڪيس جو فريادي هو، جيڪو 2 ڊسمبر تي وفات ڪري ويو آهي، محمد خان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو. هن عدالت کي استدعا ڪئي ته محمد خان ويڊيو لنڪ ذريعي سندس بيان قلمبند ڪرڻ واري درخواست داخل ڪرائي هئي، اها درخواست اڪلائي وڃي. جنهن تي عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيس جي وڪيل صلاح الدين پهنور چيو ته نقيب جو والد محمد خان پٽ جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ پر عزم هو پر هاڻي سندس وفات ٿي چڪي آهي ، هاڻ نقيب جا ڀائر مقتول ڀاءُ جو ڪيس وڙهڻ چاهين ٿا، اهي ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ لاءِ جلد درخواست ڏيندا، واضح رهي ته ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار احمد ۽ ٻين جوابدارن مٿان الزام آهي ته هنن ڪوڙي مقابلي ۾ نقيب الله سميت 4 ڄڻن کي قتل ڪيو هو، انهي ڪيس ۾ رائو انوار ۽ ٻيا جوابدار نامزد آهن.

Bookmark the permalink.