تازا ترين
  • حڪومت ٻڌائي ته بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مليون؟سنڌ جي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم*سنڌ سرڪار اولڊ ايج هومز ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو*بزرگ شهرين کي سندن قانون جو به پتو ناهي: عدالت طرفان قانون تي عمل لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم*
  • لاهور اسپتال تي حملي ۾ گرفتاريون: پنجاب ۾ وڪيلن جي هڙتال*پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري صوبي ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا ۽ ريليون*

نقلي اجرڪ جو عام وڪرو: ٽنڊو محمد خان جي تاريخي اجرڪ سازي محدود ٿيڻ لڳي

پيپلز ڪالوني،سون پاري۽ٽالپرڪالوني سميت ٻين علائقن۾اجرڪ جا 10ڪارخانابند

نقلي اجرڪ مارڪيٽ ۾ سستي اگهه تي وڪرو ٿيڻ سبب اصل اجرڪ سازي جي ڪم کي نقصان

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) سنڌ جي ثقافتي هنر اجرڪ سازي وارو ڪم متاثر ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، ٽنڊو محمد خان ۾ اجرڪ ٺاهڻ وارو ڪم ڪجهه علائقن تائين محدود بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان جي پيپلز ڪالوني، سونپاري ۽ ٽالپر ڪالوني اسٽيشن روڊ سميت مختلف علائقن مان اجرڪ سازي جا 10 کان مٿي ڪارخانا ڪيتري عرصي کان بند ٿيڻ جي بعد هاڻي صرف نصيرآباد پاڙي، بختاور ڪالوني، بهراڻي پاڙي تائين اجرڪ سازي جا ڪارخانا موجود آهن. جتي سوين مزدور پنهنجي پيٽ گذران لاءِ اجرڪ سازي جو ڪم ڪري پنهنجي خاندان جي لاءِ سهارو بڻيل آهن. پر اجرڪ سازي واري ڪم ۾ سنڌ جي اندر نقلي اجرڪ جو مارڪيٽ ۾ سستي اگهه تي وڪرو ٿيڻ سان اصل اجرڪ سازي جي ڪم کي ڪاپاري نقصان رسي رهيو آهي. اصل اجرڪ سازي جو ڪم 16 مرحلن ۾ مڪمل ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ اڇي ڪپڙي تي چٽ سالي ڪرڻ کان پوءِ انهن تي ڪيترائي مصالحا استعمال ڪرڻ سان گڏ ان کي مختلف طريقن سان وري رنگن ۾ رنگي ان کي ڪيميڪل جي مصالن ۾ وجهڻ کان پوءِ ان کي کڙ وارا مصالحا ٻيهر لڳائڻ جي بعد وري ان تي نئين سر 4 مرحلن ۾ چٽ سالي ڪري ان کي آخري مرحلي ۾ پاڻيءِ سان ڌوئڻ کان پوءِ سڪائي مڪمل ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾ 1 اجرڪ جي تياري ۾ 25 کان وڌيڪ مزدور ان تي ڪم سر انجام ڏين ٿا اهڙي طريقي سان اها اجرڪ ٺهي تيار ٿئي ٿي. پر ان جي ابتڙ نقلي اجرڪ مشينري ذريعي ڇاپي سان هڪ ئي ڌڪ ۾ تيار ٿي وڃي ٿي جيڪا سون جي تعداد ۾ ڪجهه منٽن جي اندر ٺهي ٿي. اهڙي طرح مارڪيٽ ۾ اصل اجرڪ جيڪا 1500 سئو کان ٿيندي 4000 هزار رپين تائين في اجرڪ وڪرو ڪئي وڃي ٿي پر نقل اجرڪ جيڪا صرف 200 سئو رپين کان 300 روپين تائين وڪرو ڪئي وڃي ٿي جنهن جي ڪري اصل اجرڪ جي تاريخي حيثيت برقرار هجڻ باوجود ان جي مارڪيٽ گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي. شادين غمين ۾ عوام اصل اجرڪ بجاءِ مهانگائي جي بار پوڻ ڪري نقلي اجرڪ خريد ڪرڻ تي مجبور آهي .

Bookmark the permalink.