تازا ترين
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

نصير آباد ڀرسان ڪانڌڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو، ٻن خونن ۽ ٻين نقصانن جو هڪ ڪروڙ 24 لک رپيا ڏنڊ

وڏيري الابخش ۽ طيب ڪانڌڙو مٿان ڏوهه ثابت ٿيا، ٻن خونن جو 60 لک ڏنڊ

ٽن زخمين جا 9 ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جا 30 لک رپيا ڏنڊ طور مقرر ڪيا ويا

نصيرآباد (رپورٽ: حافظ عاشق ڦلپوٽو) نصيرآباد ڀرسان ٻن سالن کان هلندڙ خوني تڪرار نبيرڻ لاءِ جرڳو، ٻن خونن سميت مختلف نقصانن جو مجموعي طور هڪ ڪروڙ 24 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. بازاري ڪانڌڙا ۾ ڳوٺ نبي بخش ڪانڌڙو جي رھواسي ڪانڌڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ 2018 کان ھلندڙ خوني تڪرار نبيرڻ لاءِ سردار ممتاز حيدر جي سرپينچي ۾ جرڳو ٿيو، جنهن دوران وڏيري الابخش ۽ طيب ڪانڌڙو مٿان ٻن ڀائرن جو خون، ٽن زخمين ۽ ٻين ڏوهن جو هڪ ڪروڙ 24 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جنهن ۾ مقتول اميرعلي جي خون بها 40 لک ۽ امين علي جي قتل جا 20 لک، ٽن زخمين جا 9 لک، ڪوڙن ڪيسن جا 30 لک رپيا شامل آهن، باقي رقم رقم اڳرائي جي مقرر ڪري فتوا ٻڌائي وئي، جوابدار ڌرکي ميڙ منٿ قافلو وٺي وڃڻ جو به پابند بڻايو ويو. ڪانڌڙا برادري جي سردار ۽ جرڳي جي سرپئنچ ممتاز حيدر ڪانڌڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مان علائقي مان رتوڇاڻ روڪڻ لاءِ ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو آھي.

Bookmark the permalink.