تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

نصيرآباد ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ستين ڏينهن به احتجاج

نصيرآباد (ن پ ا )ڪاٺيا محلا نوجوان اتحاد جي صوفي غفار چنا، جبار ڳنواس، منصور ڪاٺيو، علي رضا لاکو, خان ڀٽي عاقب ڀٽي انور ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ستين ڏينهن به پاڻي کوٽ ۽ واٽر سپلاءِلاءِ جنريٽر/سولر پلانٽ جي مطالبي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سجاڳ شھري اتحاد جي صدر منصور سومري، رب رکيو اوڍاڻي، نصيرآباد جي سينيئر استاد اشفاق مسڻ ٻيا شريڪ ٿيا، پبلڪ ھيلٿ اسسٽنٽ انجنيئر فياض ڪولاچي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪيون جنھن جو چوڻ ھو ته واٽر سپلاءِ جي حوالي سان جيڪي مسئلا آهن انھن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھيون ھن چيو ته ڪاٺيا محلا ۽ ٻين محلن ۾ پاڻي جو صحيع معني ۾ نه پھچڻ جو سبب نصيرآباد ۽ باڊھ ۾ جنريٽر يا سولر پلانٽ جو نه ھجڻ آھي اسين ڊي سي صاحب ۽ لاگاپيل انتظاميا کي جنريٽر جي فراهمي لاءِ لکت ۾ درخواست ڏني آھي پر ان باوجود پبلڪ ھيلٿ کي جنريٽر نه ملي سگھيو آھي جنھن سبب ڏکيائي کي منھن ڏئي رھيا آھيون. ھن چيو ته پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ مطالبا جائز آھن اسين يقين ٿا ڏياريون ته پبلڪ ھيلٿ ايس ڊي او جي حيثيت سان پنھنجي فرض ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي ويندي جيترو ممڪن ھوندو شھرين کي پاڻي پھچايو ويندو ان موقعي تي ڪمنان جي اڳواڻ عزم ورجائيندي چيو ته جيستائين نصيرآباد ۽ باڊھ ۾ واٽر سپلائي پاڻي جي بهتر رسائي لاء 200KVA جنريٽر يا سولر پلانٽ نه لڳايو ويندو تيستايئن ته ھي احتجاج جاري رھندو ۽ اسين ھن احتجاج ذريعي چونڊيل ايم پي اي ايم اين اي ٽائون چيرمين وائيس چيئرمين ڪائونسلرن ۽ لاڳاپيل انتظاميا کي چتاءُ ٿا ڏيو جيڪڏھن پاڻي اسٽريٽ لائيٽ سميت ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ تحرڪ نه ورتو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ سخت ۽ وسيع ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.