تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

نصيرآباد ٽائون پاران 16-2015ع ۾ ڪرايل ڪمن جي جاچ شروع

نصيرآباد( ن پ ا )نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي پاران 2015 ۽2016۾ شھر جي سي سي، ڊرينيج، پيور بلاڪن ۽ ڊرينيج کوھن لاءِ ساڍن چئن ڪروڙن جا ٽينڊر ڪيا ھئا، ٽينڊرن جي پيمينٽ غيرقانوني طور تي ڪئي ويئي ھئي ۽ شھر ۾ 60سيڪڙو ڪم نه ٿيڻ باوجود ٺيڪيدارن کي رقم ڏني ويئي ھئي، اھڙي عمل خلاف نصيرآباد جي سماجي ورڪر علي رڏ ھڪ درخواست پنج مھينا اڳ چيف سيڪريٽري سنڌ کي جاچ لاءِ ڏني ھئي جنھن درخواست تي چيف سيڪريٽري پاران ماھر انجنيئر جي اڳواڻي ۾ اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر قمبرشھداد ڪوٽ اقبال احمد کوکرسان گڏجي وارھ روڊ ڊسپوزل نوناري محلا جو سي سي ڊرينيج سميت مين بازار سميت مختلف گلين جي سائيڊ جو معائنو ڪيو ۽ تصويرون ڪڍيون، جڏھن ته شھري درخواست غلام حيدرعرف علي رڏ پاران درخواست ۾ اڳوڻو ٽائون آفيسر محمد حسن ملاح ۽ چئن ٺيڪيدارن سميت ٽينڊر ڪلارڪ ان وقت چيئرمين سميت لاڳاپيل 14ماڻھن کي ڌر بڻايو آھي، ڪرپشن جاچ ڪندڙ اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر اقبال احمد کوکر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جاچ ڪرڻ کان پوءِ پريس کي آگاھ ڪنداسين، ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي موجوده ٽائون ڪاميٽي نصيرآباد جي انجنيئر سھيل سوھو پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته جاچ ٽيم سان سھڪار ڪري رھيا آھيون، ڪيل ڪم ڪافي موجود آھن باقي اسان ٽن ٻن سالن کان ڪمن جي رپيئر نه ٿي آهي جنھن ڪري ڪم متاثر ٿيا آھن.

Bookmark the permalink.