تازا ترين
  • معيشت جو مسئلو صرف پاڪستان سان نه پوري دنيا سان آهي: وزيراعظم*ڪورونا سبب پوري دنيا ۾ ٻاڙائي سبب معيشت ويهجي وئي آهي: عمران خان*
  • *ميرپورخاص ۾ بئنڪ عملي جي مبينا زيادتين خلاف استادن جو احتجاجي مظاهرو *بئنڪ عملو ايجنٽس ذريعي پگهارن مان 3 کان 4سئو روپيا ڪٽوتي رشوت وٺن ٿا: مظاهرين *
  • *موهن جو دڙو ويجهو گرمي جي سٽ نه سهندي پورهيت فوت ٿي ويو *ڳوٺ انب پور واسي 35ورهين جو نياز علي جوڳي گرمي سبب فوت ٿي ويو *نياز علي گهر ۾ ويٺو هو، اوچتو گرمي جون دانهون ڪرڻ بعد فوت ٿي ويو: وارث *
  • *دوڙ ۾ 11 عورتن سميت وڌيڪ 18ڄڻا ڪورونا جو شڪار، متاثرن جو انگ 86 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن *
  • *دادو مان شاگرد ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم *نائين ڪلاس جو شاگرد مير ماجد پنهور ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم، ڳولا باوجود ڏس پتو نه پيو *خميس جي ڏينهن کان ڀاءُ گم آهي: خالد پنهور *
  • *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ٻيهر ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا *تازو برسات کانپوءِ ڦٽل گاهه ماڪڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيو، ڏڪار متاثر ماروئڙا پريشان *
  • *حيدرآباد: احساس ڪفالت پروگرام جي رقم سينٽر بدران فصل ۾ ڏيڻ وارو معاملو، عملدارن نوٽيس ورتو *ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ احساس پروگرام جي عملدارن نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم جاري *هوسڙي ۾ قائم سينٽر جي ايجنٽ 1000 رپيا ڪٽوتي ڪري مستحق ماڻهن کي رقم ڏني *
  • *واهي پانڌي: نئن نلي تي ڊيم ٺاهڻ خلاف جمالي ۽ شاهاڻي برادري پاران احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مظاهرين اسپتال کان گورک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو،ڇتي نعريبازي *نئن نلي جي قدرتي وهڪري تي سمال ڊيم ٺهڻ سان زمينون بنجر ٿي وينديون: مظاهرين *
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *

نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو

مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين

سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو

ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي(نمائندن وٽان) نجي ڪمپني جي ونڊ پاور پراجيڪٽ لاءِ ڪم ڪندڙ پورهيتن ۽ مهاڻن جو مبينا زيادتين خلاف ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو. مزدورن، مهاڻن ۽ سڪيورٽي گارڊز بچل رند، ڇتو رند، علي جت، اسلم پارائي عامر چانڊيو، سڪندر ڪاتيار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مهاڻن چيو ته مقامي مهاڻن کي چڪينگ ڪري ڇڏيو وڃي ٿو، سيڪورٽي گارڊن چيو ته اسان گذريل ستن سالن کان ڪمپني ۾ ڪم ڪري رھيا آهيون پر اسان کي انڪريمينٽ ۽ بونس نٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته ھڪ ڪمپني ۾ ٻه قانون آهن، ٻاھرين سيڪورٽي گارڊن کي انڪرمنٽ ۽ بونس ملي رھيو آهي پر مقامي گارڊز کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته مقامي ماڻهن لاءِ ڪمپني نوگو ايريا بڻجي چڪي آهي. ينگ سوشل نيٽ ورڪ جي اڳواڻن چيو ته خبر ناهي ته ونڊ پاور پروجيڪٽ هلائيندڙ ڪمپني سوشل فنڊ ڪٿي خرچ ڪري رهي آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته مهاڻن کي تنگ ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، سڪيورٽي گارڊز جا جائز مطالبا حل ڪري مقامي ماڻهن کي نوڪرين ۾ ترجيح ڏني وڃي ۽ سوشل فنڊ به مقامي ماڻهن تي خرچ ڪيا وڃن.

Bookmark the permalink.