تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

نثار کهڙو پارٽي سطح تي رليف ڪاميٽيون جوڙي ڇڏيون

سجاول(رپورٽر) سنڌ رليف ڪاميٽي جي ڪنوينر نثار کھڙو پاران پارٽي سطح تي الڳ رليف ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، ان ڏس ۾ نثار کهڙو پاران سرڪيولر جاري ڪيو ويو آهي ته جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هر ضلعي تي پارٽي پاران جوڙيل رليف ڪاميٽي ۾ ڪنوينر پ پ جو ضلعي صدر هوندو. ان سان گڏ حد جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز، تعلقي جو پ پ صدر، تعلقي جنرل سيڪريٽري، سينٽرز ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري جنرل ميمبر هوندا. ليٽر ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورن متاثر ضلعن جي سڀني برسات متاثرن جا انگ اکر گڏ ڪري کين امداد پهچائي وڃي. نثار کهڙو پاران اهڙو سرڪيولر جاري ڪرڻ کانپوءِ برسات سٽيل ضلعن ۾ سرڪاري ڪاميٽيون ۽ پيپلزپارٽي جون جوڙيل رليف ڪاميٽيون گڏجي ڪم ڪنديون. سجاول ضلعي ۾ سرڪاري ڪاميٽي جو ڪنوينر صوبائي صلاحڪار اعجاز شاهه شيرازي هوندو، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي جوڙيل رليف ڪاميٽي جو ڪنوينر پ پ جو ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي هوندو.

Bookmark the permalink.