تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

نيب نثار کهڙو، آغا سراج دُراني، رئوف کوسو، روشن سنڌ پروگرام ۽ روينيو کاتو نوشهروفيروز جي آفيسرز خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

نيب چيئرمين جي سربراهيءَ ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس: فرزانه راجا ۽ علي احمد لنڊ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي

شهباز شريف، بليغ الرحمان ۽ راڻا ثناءُ الله خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي: ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس جي پڌرائي جاري

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اڳوڻي صوبائي وزير نثار کهڙو، اسپيڪر آغا سراج دُراني ۽ اڳوڻي ايم پي اي عبدالرئوف کوسو خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته فرزانه راجا ۽ علي احمد لنڊ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي سربراهيءَ ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران مختلف ريفرنسز ۽ انڪوائريز جو جائزو ورتو ويو. نيب ترجمان جي پڌرائي موجب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران 6 ريفرنسز جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اڳوڻي چيئرپرسن فرازانه راجا خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته سنڌ ۾ مبينا طور 13 هزار غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ وارو ريفرنس علي احمد لنڊ ۽ ٻين خلاف داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جوابدارن تي الزام آهي ته سنڌ جي مڪاني کاتي ۾ جعلي ڀرتيون ڪير قومي ناڻي کي نقصان پهچايو آهي.
ترجمان موجب نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ ٽن انويسٽيگيشنز (جاچ) جي به منظوري ڏني آهي، جنهن موجب خوراڪ کاتي جي اڳوڻي وزير نثار کهڙو ۽ ٻين خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي، ان کانسواءِ ايگزيڪيوٽو بورڊ 15 انڪوائريز جي به منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دُراني ۽ اڳوڻي ايم پي اي عبدالرئوف کوسو خلاف انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي آهي. اُن کانسواءِ سنڌ روشن منصوبي جي عملدارن ۽ نوشهروفيروز روينيو کاتي جي عبدالحق سوڌو ٻين آفيسرز خلاف به انڪوائري شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
نيب جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، بليغ الرحمان ۽ ن ليگ ايم اين راڻا ثناءُ الله خلاف وڌيڪ انڪوائريز جي به منظوري ڏني وئي آهي.

Bookmark the permalink.