تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

نبي سر ويجهو شرپسندن پاران دڪان کي باهه، سامان سڙي رک

نبي سرروڊ (ن پ ا) نبي سر ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ اسحاق چانڊيو (ڏنڀرلو) جي رهواسي پورهيت غلام سرور چانڊيو جي ريزڪي دڪان کي شرپسندن باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ پورهيت جو چوڻ هو ته ريزڪي دڪان مان مزوري ڪري گهر جو گاڏو هلائيندا هئاسين پر شرپسندن دڪان کي باهه ڏئي الهه تلهه ساڙي ڇڏيو آھي، هن چيو ته دڪان ۾ 10 هزار رپيا ڪيش ۽ ٻئي سامان سميت کيس 40هزار رپين جو نقصان رسيو آهي، هوڏانهن نبي سر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ واقعي جي اين سي به پڻ داخل ڪئي وئي آهي.

Bookmark the permalink.