تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

نامياري صحافي، ليکڪ ۽ ڪمپيئر اسلم آزاد جي ساهه جي تند ٽٽي پئي

ڪراچي/حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر/بيورو رپورٽ) ناميارو صحافي، ليکڪ ۽ مشهور پروگرام ”پرک“ جو ڪمپيئر اسلم آزاد جي ساهه جي تنگ ٽٽي پئي. اسلام آباد ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جتي طبيعت تمام گهڻي خراب هجڻ ڪري کيس وينٽي لينٽر تي رکيو ويو هو. اسلم آزاد جي پُٽ مهراڻ سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سندس مڙهه حيدرآباد نيو پيو وڃي، جتي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي ويندي.
اسلم آزاد جي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿيڻ کانپوءِ کيس حيدرآباد مان ڪراچي جي نجي اسپتال نيو ويو، ڊاڪٽرز جو چوڻ هو ته دل جي دوري جي جهٽڪن ۽ ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجي وڃن سان گڏ هو جيري جي عارضي ۾ به مبتلا هو. اسلم آزاد 79 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پُٽ جو اولاد هو. اسلم آزاد گهرواري سان عليحدگي کانپوءِ حيدرآباد ۾ پيرسن امڙ سان گڏ سروينٽ ڪوارٽر ۾ ترسيل هو، محرم جي مهيني ۾ سندس طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي ۽ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ميڊيا تي خبرون اچڻ کانپوءِ وڏي وزير جي هدايت تي کيس ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.