تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

نامعلوم ماڻهن ميڊيا تي ڪنٽرول ڪيو آهي، اهي ئي ڪارڪنن کي کنڀين ٿا: حامد مير

جڏهن پاڪستان جو هر شهري گُم ٿيلن بابت پُڇا شروع ڪندو، تڏهن ئي پاڪستان مضبوط ٿيندو

مون نورالهديٰ شاھ جوهڪ ٽوئيٽ شيئرڪيوته مونکي سوين گاريون مليون،گاريون ڏيندڙبٽ،چوڌري۽باجوه ذاتين واراهئا

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ) برک اديبن، شاعرن، صحافين ۽ شاعرن چيو آهي ته شاعري سماج جي ترجمان آهي، انگريزي پڙهندڙن جيان گاريون ڏيندڙن ۾ به اضافو ٿيو آهي، مُلڪ ۾ خوف پکيڙيندڙ ناڪام ٿيندا، مُلڪ ٺاهيندڙ سياستدان ۽ مزدور ئي مُلڪ جي حفاظت ڪري سگھن ٿا، پنجاب جا صحافي جنهن ڏينهن نورالهديٰ شاھ جي لکڻي جي تعريف ڪندا ته ان ڏينهن مُلڪ جا مسئلا حل ٿيڻ شروع ٿيندا، ٻارهين عالمي اردو ڪانفرنس جي “ڇا اردو ادب ۽ صحافت زوال جو شڪار آهن؟”واري سيشن کي خطاب ڪندي سينيئر صحافي حامد مير خطاب ڪندي چيو ته خوف پکيڙڻ وارا ناڪام ۽ بهادر ماڻهو ڪامياب ٿيندا، جيڪي وڏا ماڻهو نظرين خاطر جيلن ۾ ويا، انهن کي اڄ به ماڻهو ياد ڪن ٿا، جڏهن پاڪستان جو هر شهري گُم ٿيل ماڻهن بابت پُڇا شروع ڪندو، تڏهن ئي پاڪستان مضبوط ٿيندو، پاڪستان مزدورن ۽ سياستدانن ٺاهيو هو، اهي ئي مُلڪ جي حفاظت ڪندا، اڄ گُم ٿيل ماڻهن جي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي ته ڪٿي آهن؟ 80ع واري ڏهاڪي ۾ ائين نه هو، عورت صحافي جيڪڏهن ڪنهن کان ڏکيو سوال پُڇي ٿي ته سوشل ميڊيا تي مٿس گارگند شروع ٿي ويندي آهي، هن چيو ته مُلڪ ۾ انگريزي پڙهڻ وارن جو اضافو ٿي رهيو آهي ۽ گاريون ڏيڻ وارن جي انگ ۾ به تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، حامد مير چيو ته مون نورالهديٰ شاھ جو هڪ ٽوئيٽ شيئر ڪيو ته مون کي سوين گاريون مليون، جڏهن مون گاريون ڏيندڙن جا نالا پڙهيا ته اهي ڪي بٽ، چوڌري ۽ باجوه ذاتين وارا هئا، جيڪڏهن پنجاب جا صحافي سنڌ جي ليکڪا نورالهديٰ شاھ جي ڪم جي تعريف ڪندا ته مُلڪ ۾ ٻَڌي ۽ ايڪي جي فضاءَ قائم ٿيندي، ان سان مُلڪ مان مسئلا ختم ٿيڻ شروع ٿيندا، حامد مير وڌيڪ چيو ته اردو ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ کانسواءِ ادب ترقي نه ٿو ڪري سگھي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب اردو کي آفيشل ۽ علائقائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. هن چيو ته نامعلوم ماڻهن پاڪستان جي ميڊيا تي گھڻي حد تائين ڪنٽرول ڪيو آهي، اهي نامعلوم ماڻهو اهي ئي آهن جيڪي سياسي ڪارڪنن کي کڻي گُم ڪن ٿا، اسان سندن نالو نه ٿا کڻي سگھون، جهڙي ريت ڪراچي ۾ ڪنهن دور ۾ نامعلوم ماڻهو قتلِ عام ڪندا هئا. اهي نامعلوم ماڻهو به انهن نامعلوم ماڻهن جا تيار ڪيل هئا. سنڌي، بلوچ، پختون ۽ سرائيڪي اديب گارگند ڪرڻ ڪرڻ بدران مزاحمتي ادب تخليق ڪري ٿو پر پنجاب جا ماڻهو گاريون ڏين ٿا، “بلوچ شاعرن” واري سيشن ۾ بلوچي ٻولي جي دانشورن چيو ته بلوچ شاعرن هر دور ۾ مظلوم طبقي جي نمائندگي ڪئي آهي بلوچن کي ڪنهن به ٻولي سان نفرت ناهي، افضل مراد، اي آر داد، غفور شاد ۽ ٻين ويهڪ ۾ ڳالهائيندي چيو ته بلوچ شاعر جيڪڏهن اردو ٻولي ۾ شاعري ڪن ٿا ته انهن کي اهو ماحول نه ٿو ملي، ان ڪري کين واپس پنهنجي مادري ٻولي ­ڏانهن وڃڻو پوي ٿو، آرٽس ڪائونسل ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻي سمورين ٻولين جي اديبن کي اهميت ڏئي رهي آهي، بلوچي ٻولي ۾ لکندڙن گھڻو ڪري حساس معاملن تي ئي لکيو آهي. ٻولين جي بنياد تي هتي سياست ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته ڪراچي ۾ 35 لک بلوچ رهن ٿا، پر افسوس آهي ته بلوچ شاعرن تي پروموٽ نه پيو ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.