تازا ترين
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

نار بنگال کان آيل سامونڊي طوفان“امفان” ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ تباهي مچائي ڇڏي

ڍاڪا/ممبئي (ڊيسڪ رپورٽ) نار بنگال کان آيل سامونڊي طوفان“امفان” ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ تباهي مچائي ڇڏي، هيل تائين 84 ڄڻا فوت ۽ سوين ماڻهو زخمي ٿي چڪا، جڏهن ته لکين ماڻهن لڏ پلان ڪئي آهي. طاقتور سامونڊي طوفان ڀارتي رياست اولهندي بنگال جي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائجي ويو، جنهن بعد هزارين گهرن جون ڇتيون اڏامون ويون ۽ وڻ پاڙان پٽجي ڪري پيا. رياست اندر مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ هيل تائين 72 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي،ڪلڪته ايئرپورٽ به سخت متاثر ٿيو آهي ۽ هوائي اڏي جو هڪ حصو پاڻي ۾ ٻڌي ويو آهي، جڏهن ته جهازن کي به نقصان پهتو آهي. هوڏانهن سامونڊي طوفان بنگلاديش جي 3 سامونڊي ضلعن کي به متاثر ڪيو آهي، جتي 12 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن. برسات جي ڪري بنگلاديش جي سامونڊي علائقن ۾تيز هوائن سان گڏ برسات جو سلسلو جاري رهيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب طرفان جي ڪري ستکيرا، سندربن، ڪورگرام ۽ جمال پور ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن، 2 ڄڻا پٽوا خالي ۾ ٻيڙي ٻڏڻ سبب فوت ٿي ويا. سامونڊي طوفان جي ڪري بنگلاديش جي سامونڊي علائقن مان هڪ لک 35 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.