
ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڪيلن طور ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن طرفان ناروي ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف مظاهرا ڪيا ويا، گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن پاران ناروي ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪرڻ واري واقعي خلاف عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، وڪيلن طرفان احتجاج پڻ ڪيو ويو، وڪيلن جو چوڻ ھو ته قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪندڙ خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، احتجاج ڪندڙ وڪيلن حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته هن معاملي تي عالمي دنيا آڏو پنهنجو موقف رکي ۽ ناروي حڪومت سان واپاري لاڳاپا ختم ڪيا وڃن.
ڪنڌڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن پاران ناروي ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪرڻ واري واقعي خلاف ڊسٽرڪٽ بار ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروايون جو بائيڪاٽ ڪيو، وڪيلن احتجاج ڪندي چيو ته قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪندڙ خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ته جئين مسلمان ڀائرن ۾ ڪاوڙ ختم ٿي سگهي.
ٽنڊو غلام علي ۾ به جمعيت علماءِ اسلام طرفان ناروي ۾ قرآن شريف جي توھين جي معاملي تي ريلي ڪڍي وئي، احتجاجي ريلي ضلعي امير حافظ زبير احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، چمبڙ ناڪي تي پهچي ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن چيو ته يھودي ۽ عيسائي اسلام خلاف سازشون ڪن پيا، اسان جي پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته اسلام خلاف سازشون بند ڪيون وڃن.