تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

نااهل حڪمرانن سبب معيشيت ٻڏي وئي،جيڪي دانشور تحريڪ انصاف جي حمايت ڪندا هئا اڄ معافيون گهرن پيا: مولانا فضل الرحمٰن

ملڪ کي معيشبت تباهه ڪندڙ موجودا حڪمرانن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي نٿا سگهن: مولانا

احتساب جو نعرو لڳائيندڙ هاڻ ڪرپٽ وزيرن خلاف ڪارروائي ڪن: جي يو آءِ سربراهه

لاهور ( بيورو رپورٽر) ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان کي موجودا حڪمرانن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي نٿا سگهن، انهن ڪري معيشيٽ تباهه ٿي وئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا چوندا هئا ته هو چورن کي پڪڙيندا، کين چور ملن نه پيا پر هاڻ ملي ويا آهن، اهي ڪابينا ۾ ويٺل آهن، جلد گرفتار ڪيو وڃي .مولانا فضل الرحمان چيو ته تقريرن سان پيٽ ناهي ڀرجندو، احتساب جو نعرو لڳائيندڙ هاڻ ڪرپٽ وزيرن خلاف ڪارروائي ڪن. سندس چوڻ هو ته معيشيت جي تباهي رياست جي وجود لاءِ خطرو آهي، پر مخالف ڌر جون وڏيون پارٽيون به پنهنجو ڪردار ادا نه پيون ڪن، اهي به مونجهاري جو شڪار آهن، سندن ڪمزوري سبب حڪمران مضبوط ٿيندا. جي يو آءِ ف سربراهه چيو ته وزيراعظم ڪڏهن مائنس ون ته ڪڏهن پاڻ کي آخري آپشن چوي پيو، اڄ وزير چون پيا ته وٽن 5 کان 6 مهينا آهن. حڪومتي اتحادين بابت مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته مينگل صاحب پنهنجي موقف تي اٽل نظر اچي پيو، جڏهن ته ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم به مختلف شين تي حڪومت سان اختلاف رکي ٿي. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته جيڪي چونڊون ٿيون اهو ڊرامو هو، حڪومت ٺهي اهو به ڊرامو، هو مڪاني چونڊون نه پر عام چونڊون چاهين ٿا.

Bookmark the permalink.