تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

نئين ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر احمد ذميواريون سنڀالي ورتيون: وڏي وزير طرفان رخصت ٿيندڙ ۽ نئين ڊي جي رينجرز کي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا

رخصت ٿيندڙ ڊي جي رينجرز وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، نئون ڊي جي رينجرز به موجود هو

وڏو وزير رخصت ٿيندڙ ڊي جي رينجرز سان ملاقات ڪندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نئين ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر احمد بُخاري چارج سنڀالي ورتي آهي، وڏي وزير رخصت ٿيندڙ ۽ نئين ڊي جي رينجرز سان ملاقات ڪري سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه رخصت ٿيندڙ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد سان الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن دوران نئون ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر احمد بخاري به موجود هو. ملاقات ۾ وڏي وزير رخصت ٿيندڙ ڊي جي رينجرز جي خدمتن کي ساراهيو ۽ نئين ڊي جي رينجرز کي ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه ٻنهي ميجر جنرلز کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا به تُحفا ڏنا.
ٻئي پاسي رينجرز ترجمان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي رينجرز سنڌ محمد سعيد ذميواريون نئين ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر احمد کي باضابطا طور سونپي ورتيون آهن، ترجمان موجب نئين ڊي جي رينجرز ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.

Bookmark the permalink.