تازا ترين
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

نئون ڪوٽ ۾ پسند جي شادي لاءِ گهران نڪتل ناريءَ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو: سندس انتظار ۾ بيٺل نوجوان فرار

ناري ڪويتا ڪولهڻ اسٽاپ وٽ هٿ، امڙ به کيس پرچائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهچي وئي

ڌيءُ جي مڱڻي ٿيل آهي (ريشمان ڪولهڻ) ناري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو: پوليس

نئون ڪوٽ (رپورٽر) پسند جي شادي لاءِ گهران نڪتل سلام ڪوٽ واسي 24 ورهين جي ناري ڪويتا ڪولهڻ کي نئون ڪوٽ پوليس مين بس اسٽاپ وٽان سوگهو ڪري ورتو. ڇوڪري جي انتظار ۾ بيٺل نوجوان ناري جي ڀاءُ کي ڏسي فرار ٿي ويو، ناري کي اڄ نئون ڪوٽ پوليس جوڊيشنل مئجسٽريٽ اينڊ سول جج ڊگهڙي وٽ پيش ڪندي، ناري کي راضي ڪرڻ لاءِ سندس ماءُ ريشمان ڪولهڻ نئون ڪوٽ ٿاڻي تي پهتل، ناري جي امڙ جو چوڻ آهي ته ڪويتا جو ڊگهڙي ۾ مڱڻو ٿيل آھي، هوءَ ڪالهه ڪاوڙجي گهران نڪتي، مون سان گڏ هلڻ لاءِ راضي آهي. ناري جي ڀاءُ چيو ته ڪويتا فون جي رابطي تي نڪتي، آئون هن جو پيڇو ڪري نئون ڪوٽ پهتس، هو موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ته مون کيس لاهي ورتو، موٽر سائيڪل سوار جي منهن تي ٻٽ ٻڌل هو، هو مون کي ڏسي فرار ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري پڇا ڪرڻ تي مختلف بيان ڏئي رهي آهي، اڄ جوڊيشل مئجسٽريٽ اينڊ سول جج ڊگهڙي وٽ پيش ڪنداسين.

Bookmark the permalink.