تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

نئون پاڪستان ماڻهن کي نظر نٿو اچي، جيڪو ڪرپشن کان پاڪ آهي: وزيراعظم

لاهور(بيورو رپورٽ) وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهو نئين پاڪستان کي ڏکيائين سان ڳنڍَي رهيا آهن، قرض لاهڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا ته پريشانين جون منهن ڏسڻو پيو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکين حالتن ۾ ڪئمرامين مائيڪ پڪڙي پڇندو آهي ته ڪٿي آهي نئون پاڪستان؟ اهڙا سوال ٿيندا ته لازمي آهي ماڻهو گهٽ وڌ ڳالهائيندا، هن چيو ته نئون پاڪستان ماڻهن کي نظر نٿو اچي، نئون پاڪستان ڪرپشن کان پاڪ آهي، وزيراعظم عمران خان شيخوپوره ۾ راوي رِور فرنٽ اربن اٿارٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته اسان وٽ وقت تمام گهٽ آهي، منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي، منصوبي لاءِ سيڙپڪاري نجي شعبو ڪندو، حڪومت کي رڳو سهولتڪاري ذريعي رنڊڪون ختم ڪرڻيون آهن، وفاقي سرڪار منصوبي لاءِ مڪمل سهڪار ڪندي. وزيراعظم چيو ته مون کي راوي ريور پراجيڪٽ مان نئين پاڪستان جو تصور نظر پيو اچي،هي منصوبو آسان نه پر ڏاڍو ڏکيو آهي جنهن ۾ رنڊڪون اينديون پر هي شهر لاهور ۽ پاڪستان جي ضرورت آهي، لاهور ۾ 40 سيڪڙو ڪچيون آباديون آهن ۽ هي شهر تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي. هن چيو ته مڃان ٿو ته واقعي مهانگائي وڌي آهي، اڳوڻي حڪمرانن جي ترجيح پيسو بڻائڻ هو، ماضي جا حڪمران ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ويا، ته ماڻهن کي ڏکيائين مان گذرڻو پوندو.  عمران خان چيو ته زندگي ۾ وڏا ڪم ڪرڻ جي لاءِ سوچ وڏي ڪرڻي پوندي آهي، ماڻهن جي سوچ هوندي آهي ته اقتدار ۾ آيا، شگر ملون هنيون، پيسا ٺاهيا، لنڊن ۾ وڏا گهر  ورتا، پر اهڙو انسان به ننڍو رهجي ويندو آهي، وڏي ڪم لاءِ وڏا خواب ڏسڻا پوندا آهن، ان ڪري جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي، وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي وبا جي دوران مودي بنا سوچ سمجهه جي لاڪ ڊائون هنيو، ڀارت ۾ اِهو الله جو عذاب آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ان معيشت ڪِري آهي.

Bookmark the permalink.