تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

نئون ديرو پوليس نوجوان جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: ٽائرن کي باهيون

ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻي سبب ٽرئفڪ معطل، مڇريل ماڻهن جا پوليس خلاف نعرا

سردار اسد کهڙو ۽ ممتاز ڀٽو ۾ تڪرار ۾ غريب مارجن ٿا، پوليس خاموش آهي: مظاهرين

لاڙڪاڻو (رپورٽر) نئون ديرو ۾ ڀٽا ۽ کهڙا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي خوني تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان جي وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو ۽ ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندڙ پوليس توڙي جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. ڀُٽا ۽ کهڙا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي تڪرار تان رات دير سان نوجوان ارشاد کهڙو قتل ٿي ويو، ڪيٽي ممتاز پوليس طرفان ڪيس نه ڪرڻ خلاف متاثر ڌُر طرفان ايس ايس پي چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، اُن موقعي تي مڇريل ماڻهو پوليس خلاف نعريبازي به ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ڌرڻي سبب ڪيتري ئي دير تائين ٽرئفڪ معطل رهي ۽ گاڏيون بيهجي ويون.
مقتول نوجوان جي پيءُ هدايت الله، ڀاءُ محمد پيرل کهڙو ۽ ٻين مظاهرين دانهيو ته نوجوان کي پوليس پِڪٽ ڀرسان قتل ڪيو ويو، تنهن هوندي به پوليس اهلڪار خاموش رهيا ۽ ڪابه ڪارروائي نه ڪئي، نتيجي ۾ هٿياربند فرار ٿي ويا. مظاهرين چيو ته ڀُٽا برادري سان پُراڻي تڪرار تان 7 سالن دوران 10 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن. سردار اسد کهڙو ۽ ممتاز ڀٽو وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ غريب ماڻهو مري رهيا آهن، پر پوليس نه ته ڪيس داخل ڪري ٿي ۽ نه ئي وري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي.

Bookmark the permalink.