تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

نئون ديرو ۾ ميونسپل ملازمن جو پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج

نئون ديرو (ن پ ا) ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي ڊيوٽي ڏيندڙ 35 ڪچن ملازمن ڳڙهي خدابخش ڀٽو کان پيادل مارچ ڪري نئون ديرو ميونسپل پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتان ڪچن ملازمن احتجاجي ريلي ڪڍي شهيد راڻي بينظير پريس ڪلب نئون ديرو پهچي ٻيهر ڌرڻو هنيو جنهن جي اڳواڻي ظفر لغاري، منان ابڙو، رحيمداد، عبدالحفيظ لغاري، عدنان ابڙو، شاهد علي، مراد ميراڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. جتي ميڊيا آڏو دانهيندي هنن جو چوڻ هو ته اسان گذريل 12 ورهين کان مسلسل ڪچي ملازم طور 5 کان 7 هزار پگهار تي ڪچي ملازم طور ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون جڏهن ته مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 18 هزار آهي. هنن چيو ته اسان شهيدن جي مزار تي مالهي، چوڪيدار، خاڪروب طور ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون پر ان باوجود اسان کي پڪو نٿو ڪيو وڃي. سنڌ تي گذريل 12 ورهين کان پيپلز پارٽيءَ جي حڪمراني آهي پر ڀٽو شهيدن جي آخري آرامگاهه تي ڊيوٽي ڏيندڙ اسان غريب ملازمن کي مستقل نٿو ڪيو وڃي. هنن چيو ته نئون ديرو ميونسپل جا 23 ۽ رتوديرو جا 12 ملازم ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون ۽ هر ڀيري اسان کي مختلف بهانا بڻائي نوڪرين مان برطرف ڪري پگهارون به بند ڪيون وينديون آهن 7 مهينن کان مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود اسان کي فقط ٺلها دلاسا ۽ آسرا ڏنا پيا وڃن جڏهن ته اسان کي نه ته پڪو ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي رهيل 4 پگهارون جاري ڪيون پيون وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي رهيل 4 پگهارون جاري ڪري مستقل آرڊر ڏئي پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.