تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

نئون ديرو: غلام سرور گوپانگ جو قاتل گرفتار، پسٽل ۽ ڪارتحويل ۾ ورتي وئي

نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان مڱڻيجا – گوپانگ برادريءَ جي ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان قتل ٿيل غلام سرور گوپانگ جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار صحبت مڱڻيجو کي نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي پسٽل سميت گرفتار ڪري نئون ديرو ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مٿان گناهه نمبر 62/2020ع قلم 302 تحت غلام سرور گوپانگ جي قتل جو ڪيس به داخل ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ايس ايچ او نئون ديرو غلام مصطفيٰ ابڙو ٻڌايو ته مقتول غلام سرور گوپانگ جي قتل ڪيس جو مک جوابدار صحبت مڱڻيجو وجهه وٺي ڪار ۾ سوار ٿي فرار ٿي رهيو هو ته ڳجهي اطلاع تي اسان ڪارروائي ڪري کيس پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ ڪار به تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي. گرفتار جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.