تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

نئون آباد ۾ سرڪاري گودام ۾ هزارين ٻوريون ڪڻڪ غيرقانوني ذخيرو هجڻ جو انڪشاف

پراڻي سرڪاري گودام ۾ هڪ بااثر جون ڪڻڪ جون 37 هزار کان وڌيڪ ٻوريون پيل

بااثر سيٺ سستي اگھه تي ورتل ڪڻڪ سرڪاري گودام ۾ رکي اگھه وڌڻ بعد وڪرو ڪرڻ لڳو

ڄام نواز علي ( رپورٽر)ڄام نواز علي تعلقي جي شهر نئون آباد ۾ هڪ بااثر سيٺ غيرقانوني قانوني 37هزار کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون گرلس اسڪول ڀرسان قائم پراڻي سرڪاري گدام ۾ اسٽاڪ ڪري رکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪي لڪ ڇپ ۾ مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، غير قانوني ذخيرو ڪري رکيل ڪڻڪ جو ڪنهن به انتظاميه نوٽيس ناهي ورتو آهي، شهرين ڊي سي سانگهڙ خوراڪ کاتي جي عملدارن کان ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي،اهو معلوم ٿيو آهي ته ڄاڻايل سيٺ گهٽ اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري غير قانوني اسٽاڪ ڪيو آهي، هاڻي ٻيڻي اگهه تي وڪرو ڪري رهيو آهي. ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ڄاڻيل سيٺ   اڳ ۾ ڪڻڪ جي مختلف سينٽرن جي فوڊ انسپيڪٽرن سان ملي ڪري سرڪاري ڪڻڪ ۾ وڏي خرد برد ڪئي هئي، اهو به معلوم ٿيو آهي ڄاڻايل سيٺ  هڱورونو جي گدام ۾ پيل سرڪاري ڪڻڪ ۾ وڏي هيرا ڦيري ڪئي هئي جنهن جي جاچ پڻ هلندڙ آهي،

Bookmark the permalink.