تازا ترين
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

مڪلي مارڪيٽ ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو: چاقو لڳڻ ڪري نوجوان مارجي ويو، هڪ جوابدار گرفتار

جهيڙي دوران مارجي ويل نوجوان فريد بشير جو لاش سول اسپتال ٺٽي منتقل

هڪ جوابدار عابد کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي: پوليس

ٺٽو ( رپورٽر ) مڪلي مارڪيٽ ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو. پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. بشير برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران چاقو لڳڻ ڪري نوجوان فريد بشير موقعي تي مارجي ويو، جنھن جو لاش مڪلي پوليس سول اسپتال ٺٽو پهچايو ويو، جنهن بعد پوليس هڪ جوابدار عابد پٽ محمد اسماعيل کي گرفتار ڪري ورتو. مڪلي پوليس موجب مقتول نوجوان اصل جاتي جو رھواسي هو، جيڪو ھن وقت مڪلي جي ٻوڏ متاثرين لاءِ قائم ٿيل ترڪش ڪالوني ۾ رھندو ھو.

Bookmark the permalink.