تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪنداسين : ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصرشاھ ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪي ايم سي بلڊنگ ۾ ڪيمپ آفيس قائم ڪري ورتي، گذريل ڏينهن صوبائي وزيرناصر شاھ ڪي ايم سي آفيس جو دورو ڪري لاڳاپيل اختيارين کان بريفنگ ورتي. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر شاھ چيو ته ماضي۾ بلدياتي معاملن ۾ ڪافي غلطيون ٿيون جيڪي هاڻ ختم ڪيون وينديون.پهريون ڀيرو ڪراچي جي بهتري لاءِ سمورا اسٽيڪ هولڊر گڏ ٿيا آهن. سنڌ واحد صوبو آهي جتي لوڪل باڊيز جي نمائندن پنهنجو مُدو پورو ڪيو. مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي. اسان ايندڙ ميئر سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين. هن چيو ته آدمشماري جي حوالي سان رڳو اسان جا خدشا ناهن پر ايم ڪيوا يم ۽ ٻين جماعتن کي به خدشا آهن، ان حوالي سان عدالت ۾ پٽيشن به داخل ٿيل آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته مڪاني چونڊون 120 ڏينهن ۾ ٿين، تڪ بندين جو معاملو ان کان اڳ حل ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته صفائي سٿرائي ڪي ايم سي جي ذميواري ناهي رهي. اهو ڊي ايم سيز جو ڪم هو،سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون. هن چيو ته جيڪي برساتي نالن تي رهائش پذير آهن انهن کي فوري طور تي اٿاري نه ٿو سگھجي، جيستائين کين متبادل رهائش ڏني وڃي. هن وقت ڪمرشل حددخليون ڪندڙن کي اٿاريو پيو وڃي. ناصر شاھ چيو آهي ته ايڊمنسٽريٽر کي سمورا آئيني اختيار ۽ فنڊ ڏينداسين.

Bookmark the permalink.