تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

مڙس ڌارين کي گهر ۾ آڻي ٿو، روڪڻ تي تشدد ڪندو آهي: گهوٽڪي ۾ عورت عدالت پهچي وئي

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي عورت مڙس کان طلاق لاءِ عدالت پهچي وئي، وڪيل ذريعي درخواست ڏئي ڇڏي، گهوٽڪي شهر جي رحموالي جي رهواسڻ عورت مسمات رشيدان شيخ فرسٽ سول جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته مڙس ساجد علي شيخ گهر ۾ ڌاريا ماڻهو وٺي ويهاريندو آهي، روڪڻ تي تشدد ڪري بي حال ڪري ڇڏيندو آهي، مڙس جي تشدد ۽ ظلمن کان تنگ ٿي وئي آهيان، مون کي طلاق کپي، گهوٽڪي جي عدالت اهڙي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي مڙس ساجد علي شيخ کي نوٽيس جاري ڪندي 22 نومبر تي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو.

Bookmark the permalink.