تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

مڙس ماري ٿو: شاهپور چاڪر واسڻ گونگي عورت جون دانهون

شاهپورچاڪر (ن پ ا) مڙس پاران ڪورٽ ۾ زال کي ساهرن کان وٺرائڻ لاءِ درخواست ڏني، شاهپورچاڪر پوليس ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي حڪم تي طارق مگسي جي زال مسمات شهزادي ولد الهڏنو خاصخيلي کي سندس ماءُ پيءُ جي گهران هٿ ڪري پوليس اسٽيشن وٺي آيا، ايس ايچ او شاهپوچاڪر ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته عورت جي مڙس طارق مگسي ڪورٽ ۾ درخواست ڏني آهي ته سندس زال کي سس ۽ سهرو زبردستي گهر ۾ ويهاريو ويٺا آهن ۽ ڇڏين نٿا. انڪري مونکي منهنجي گهر واري واپس ڏياري وڃي، پوليس طرفان مسمات شهزادي جيڪا ڄائي ڄم کان گونگي آهي ان کي پوليس موبائل ۾ گهر کان پوليس اسٽيشن وٺي آيا ته ڇوڪري جي ماءُ به دانهون ڪوڪون ڪندي پوليس اسٽيشن پهچي وئي،گونگي عورت شهزادي جي ماءُ جو چوڻ هو ته هن جو مڙس طارق مگسي روزانو شراب پي اچي منهنجي ڌيءُ تي تشدد ڪري ٿو ۽ گهر ۾ سس ۽ ٻيا گهر ڀاتي به تشدد ڪن ٿا، جنهن ڏينهن کان شادي ٿي آهي مڙس هن کي مائٽن ڏانهن به نٿو ڇڏي، اسان کي هرڀرو تنگ ڪيو پيو وڃي. گونگي شهزادي اشارن سان ٻڌائيندي چيو ته مڙس مونکي روزانو لٺين سان تشدد ڪيو ويندو هو، ماني به نه ڏني ويندي هئي ۽ آئون ان ڏانهن نٿي وڃڻ چاهيان.

Bookmark the permalink.