تازا ترين
  • صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي اختيارن وارو ڪيس: اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري*
  • ناري سان جنسي زيادتي مامرو:معطل ٿيل جج مٿان ڪيس داخل*ناري سلميٰ بروهي جي تازي بيان بعد معطل ٿيل سول جج امتياز ڀٽو مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو*

مڃٺ واقعي جو يو سي چيئرمين سميت 60 ڄڻن تي ڪيس داخل،گرفتاري نه ٿي

هٿياربندن پاران ملاح برادري جي گهرن تي چڙهائي،ڀڃ ڊاھ۽باھ ڏيڻ جوتڳرٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيوويو

جوابدارن ۾يوسي مڃٺ جوچيئرمين مقبول سهتو،آفتاب،بيگ محمد،اقرار،شعيب،جاويدنويد۽ٻياشامل

نوشهروفيروز (رپورٽر) مڃٺ ۾ ملاح برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪرڻ ۽ باھ ڏئي ساڙڻ جو ڪيس يو سي چيئرمين سميت 60 ڄڻن تي خال ڪيو ويو، يوسي چيئرمين مقبول سهتو چيو آهي ته مڃٺ واقعي ۾ مڇريل ماڻهن کي هن منع ڪئي هئي پر خبر ناهي ته اهو واقعو ڪيئن پيش آيو. خبر موجب مڃٺ ۾ هٿياربندن پاران ملاح برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪرڻ ۽ باھ ڏئي ساڙڻ جو ڪيس تڳر ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ يوسي مڃٺ جي چيئرمين مقبول احمد سهتو، آفتاب احمد سهتو، بيگ محمد سهتو، اقرار سهتو، شعيب سهتو ۽ جاويد نويد سهتو سميت 60 ماڻھن مٿان داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي. ٻئي پاسي يونين ڪائونسل مڃٺ جي چيئرمين مقبول احمد سهتو، اظهار احمد، مسرور احمد، الطاف سهتو ۽ ٻين هتي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندن ملاح براريءَ سان ڪو به تڪرار ناهي، هو مقتول اسرار احمد سهتي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري چاهين ٿا. هنن چيو ته هڪ ڏينهن اڳ مڃٺ ۾ پيش آيل واقعي کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي. هنن الزام هڻندي چيو ته ايس ايڇ او تڳر فدا اعواڻ جوابدارن سان مليل آهي. هنن چيو ته مڃٺ واقعي ۾ مڇريل ماڻهن کي منع ڪئي پر خبر ناهي ته اهو واقعو ڪيئن پيش آيو، يا جوابدار ڌر پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڊرامو رچايو. هنن چيو ته مڃٺ واقعي سان سندن ڪو تعلق ناهي ۽ هو قانون هٿ ۾کڻڻ جو سوچي به نٿا سگهن.



Bookmark the permalink.