تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

هالا ۾ نينگر سان بدفعلي جي الزام هيٺ هڪ جوابدار سوگهو، شهرين مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ بدفعلي جي تصديق

ٻن ڄڻن خلاف اين سي داخل، گرفتار جوابدار نومي ميمڻ پاران ڏوهه جو اعتراف، ٻئي جوابدار جي ڳولا

هالا ۾ نينگر سان بدفعلي جي الزام هيٺ هڪ جوابدار سوگهو

مٽياري(رپورٽر) هالا ۾ نينگر سان بدفعلي جي الزام هيٺ آيل جوابدار کي شهرين سوگهو ڪري مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدار روئيندي ڏوهه جو اعتراف ڪيو، ٻن ڄڻن خلاف اين سي داخل، هڪ جي ڳولا جاري، گلشن فهيم ڪالوني ۾ ستن ورهين جي معصوم نينگر محمد حسان پٽ زين العابدين ڪيريو کي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو، وارثن ۽ پاڙي وارن ابرار عرف نومي ميمڻ نالي جوابدار کي سوگهو ڪيو ۽ کيس مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس نينگر جي وارثن جي فرياد تي ٻن جوابدارن نومي ۽ رافيل ميمڻ خلاف اين سي داخل ڪري ورتي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي جوابدار جي ڳولا جاري آهي، کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو، نينگر جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو آهي، جنهن جي شروعاتي رپورٽ ۾ نينگر سان بدفعلي جي تصديق ٿي وئي آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر کي شئي وٺي ڏيڻ بهاني بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو، مک جوابدار گرفتار آهي، سندس ساٿي فرار ٿي ويو آهي، کين سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي. متاثر نينگر پنهنجي بيان ۾ پوليس کي ٻڌايو ته ابرار عرف نومي ۽ رافيل ميمڻ مون کي شئي وٺي ڏيڻ جي بهاني دڪان جي ڀانڊي ۾ وٺي ويا، جتي بدفعلي ڪئي وئي، نينگر چيو ته جوابدارن چاقو ۽ ڇريون ڏيکاري ڌمڪايو ته پنهنجي پيءُ سان ڳالهه نه ڪجان نه ته توکي ماري زمين ۾ دفن ڪري ڇڏينداسين، جنهن بعد مون کي ڊپ لڳو ۽ مون دانهون ڪيون.

Bookmark the permalink.