تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

مٽياري ۾ ننيگر کي بااثر دوستن پاران ڳلو ڪپي زوري بدفعلي ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل

پوليس مک جوابدار فضل شاهه پ پ اڳواڻ جو پٽ هجڻ ڪري گرفتار نه ڪري سگهي

ايس ايس پي مٽياري معاملي جونوٽيس وٺي واقعي۾ملوث بااثرجوابدارن کي جلدگرفتارڪرڻ جي هدايت

مٽياري ( رپورٽر) مٽياري ٿاڻي تي نينگر جو ڳلو ڪپڻ ۽ زبردستي بدفعلي ڪرڻ جو اڳوڻي تعلقي ناظم پير سيد سودل شاھ هاشمي جي پٽ فضل علي شاھ هاشمي، وسيم خاصخيلي، شاهزو عرف شاهه زيب، بابو خاصخيلي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فريادي محسن سليم سومرو موقف اختيار ڏيندي چيو ته سندس ڀاءَ زبير ۽ فضل شاھ گڏ پڙهندا آهن جيڪو کيس رات جو موٽر سائيڪل تي کڻي ويو ۽ واپس نه موٽيو. ڳولا ڪرڻ دوران باغ ۾ سندس ڀاءُ کي فضل شاهه ۽ وسيم خاصخيلي خنجر هڻي رهيا هيا. هن چيو ته سندن پهچڻ تي چار جوابدار سندس ڀاءُ کي زخمي حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس واقعي جي مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي آهي. ايس ايس پي مٽياري زبير سومرو معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي مٽياري ۽ ايس ايڇ او کي فوري طور تي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايس ايس پي موجب ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي فريادي ڌر جيڪي به جوابدار ڪيس ۾ نامزد ڪيا آهن انهن کي ضرور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

Bookmark the permalink.