تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

مٽياري ۾ شاگرد سان زيادتي بعد ڳلي ڪپڻ جي ڪيس ۾ 3 جوابدار گرفتار، مک جوابدار بااثر هجڻ ڪري روپوش

پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ملوث 3 جوابدارن کي ڇنڊڻ موري وٽان گرفتار ڪيا

مک جوابدار کي بااثر پ پ اڳواڻ جي پٽ پير فضل هاشمي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي

مٽياري(رپورٽر) مٽياري ۾ شاگرد زبير سومري سان دوستن پاران زيادتي بعد ڳلو ڪپڻ واري ڪيس ۾ وڌيڪ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ڊي ايس پي مٽياري شاهنواز ميمڻ، ايس ايڇ او اعجاز احمد سومرو ۽ سي آئي انچارج ذوالفقار لاشاري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته زبير سومرو سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي سندس ڳلو ڪپڻ وارو واقعو ٽي ڏينهن اڳ پيش آيو جنهن بعد سندس ڀاءُ محسن سومرو جي فرياد تي چئن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. هنن چيو ته ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو جي هدايتن تي جوڙيل ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڪيس ۾ ملوث ٽن جوابدارن وسيم خاصخيلي، بابو عرف بابلو ۽ شاهزيب عرف شاهزو کي ڇنڊڻ موري وٽ گرفتار ڪيو آهي. جوابدارن شروعاتي جاچ ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته پير فضل هاشمي زبير کي کڻي آيو ۽ اسان ٽئي ٻين موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي باغ ۾ پهتا هياسين. هوڏانهن گرفتار ٿيل جوابدار کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو ويو جن ميڊيا آڏو اعتراف ڪرڻ کان لنوايو. ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار پ پ اڳواڻ جي پٽ پير فضل هاشمي بااثر هجڻ ڪري پوليس گرفتار نه ڪري سگهي.

Bookmark the permalink.