تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

مٽياري ڀرسان پلاٽ جي مالڪيءَ تان جهيڙو: هڪ مارجي ويو: 6 زخمي

مٽياري (رپورٽر) مٽياري ڀرسان ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل ۽ ٻن عورتن سوڌو 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ لال مجيداڻو ۾ مجيداڻا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌُرين لٺين، ڪهاڙين ۽ هٿيارن جو استعمال ڪيو. جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو بخشڻ مجيداڻو مارجي ويو، جڏهن ته ٻن عورتن سوڌو 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ مسمات نواب زادي، مسمات حاجياڻي، دلدار، دين محمد، شوڪت ۽ سڪيلڌو شامل آهن. پوليس جهيڙو ٽارڻ يا هٿيارن جو استعمال ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ۽ ٿاڻي تائين محدود رهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌُرين ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان پُراڻو تڪرار هلندڙ آهي.

Bookmark the permalink.