تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

مٽياري ڀرسان زمين تان جهيڙو ايس ٽي اڳواڻ ڀاءُ ۽پٽ سميت زخمي، 5 ڄڻا گرفتار

مٽياري (رپورٽ: ڪامران ميمڻ) مٽياري ڀرسان بائوديرو ۾ ابڙا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾زمين جي مالڪيءَ واري تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، ايس ٽي پي مرڪزي اڳوڻ ڀاءُ ۽پٽ سميت زخمي، ٻنهي ڌرين جا پنج ڄڻا گرفتار. سيکاٽ ٿاڻي جي حد ۾ بائوديرو ڀرسان گذريل ڏيڍ سال کان ابڙا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين جي مالڪيءَ تڪرار هلندڙ آهي جنهن هڪ دفعو ٻيهر ڪر کنيو آهي. گذريل ڏينهن ڪڻڪ جي لاباري تان ٻئي ڌريون هٿين پئجي ويون، جنهن دواران ايس ٽي پي جو مرڪزي پريس ترجمان محمد علي ابڙو، سندس ڀاءُ امداد ۽ پٽ محمد حسين ابڙو زخمي ٿي پيا، جنهن کانپوءِ پوليس جهيڙي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڌرين جي پنجن ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي کڻي وئي آهي. واقعي بعد سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ محمد علي ابڙو مٽياري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان کي هارين ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڪڻڪ جي فصل ۾ لابارو ڪري رهيا آهن، جنهن تي اسان پنهجي زمين تي پهتاسون ته پوليس اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان زرعي زمين تي وياسون ته ڪجهه لٺ بردار ماڻهن اسان مٿان هلان ڪري اسان کي ڌڪ هڻي زخمي ڪري وڌو آهي. پوليس اسان جي ڀاءُ ڄام شوڪت ابڙي۽ ڀائٽي جنيد کي گرفتار ڪري وئي آهي. هن چيو ته پوليس سرعام قبضا گيرن جي ڌر بڻجي وئي آهي ۽ اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ گهري ٿي. هوڏانهن ٻِي ڌر جي معشوق ابڙي به ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان وٽ عدالتي حڪم آهي، باقي جنهن زمين تي مسئلو هلندڙ آهي اها خالي پيل آهي ان تي اسان نه ويا آهيون. ٻئي پاسي ايس ايڇ او آدم ابڙو جو چوڻ آهي ته ٻئي ڌريون زمين تي ويون ۽ ٻنهي دعويٰ ڪئي ته ڪڻڪ پوکيل زمين سندن آهي. ان تي اسان ٻنهي ڌرين کي پابند ڪيو ته گڏجي هلي سيشن جج مٽياري جي عدالت مان آرڊر جي تصديق ڪرايون ٿا ته اهو جاري ٿيل آرڊر ڪنهن جي حق ۾ آهي پر ڳالهون هلندڙ هنيون ته ڌريون هٿي پئجي ويون جنهن کانپوءِ جهيڙي کي ٽارڻ لاِءِ ٻنهي ڌرين جي پنج ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

Bookmark the permalink.