تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

مٽياري ڀرسان روڊ حادثو: پيرڳوٺ واسي خيرپور اسپتال جو ملازم فوت

مٽياري (ن پ ا) مٽياري ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ پير جو ڳوٺ واسي خيرپور اسپتال جو ملازم فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خيرپور اسپتال جي ٻن ملازمن سميت 3 ڄڻا ڪار ۾ڪراچي وڃي رهيا هئا ته مٽياري ويجهو حادثو پيش آيو. حادثي جي نتيجي ۾خيرپور سول اسپتال جو سينيئر ڪلارڪ ڳوٺ بخشو واهڻ جو رهواسي سعيد سولنگي فوت ٿي ويو. حادثي جي زخمين ۾خيرپور اسپتال جو سينيئر ڪلارڪ الهداد کوسو ۽ ليڪچرار اياز سولنگي شامل آهن. فوتي جو لاش اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ڪهرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٽئي ڄڻا ڪراچي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

Bookmark the permalink.